ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران سنڌ سڀاء جي مارچ جي پانڌيئڙن تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت اڳواڻن ۽ سنڌ جي نياڻين کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي

لنڊن : ورلڊ سنڌي ڪانگريس سنڌ سڀاء جي پنهنجي پيارن جي جبري گمشدگين جي خلاف ۽ سندن آزادي لاء نڪتل پر امن احتجاجي لانگ مارچ تي پوليس جي چڙهائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي.سنڌ ۽ پنجاب جي بارڊر اُوباڙو وٽ هن پر امن مارچ جي پانڌيئڙن تي انسانيت سوز تشدد ۽ گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ سڀاء جي اڳواڻن ۽ سنڌ جي نياڻين کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، انهن کي پنهنجي پيارن جي آزاديءَ لاءِ پرامن احتجاج جي جمهوري ۽ آئيني حق استعمال ڪرڻ ۾ ڪا بہ رڪاوٽ نه وڌي وڃي.اسان سنڌ جي گهڻ گھرن کي التجا ٿا ڪيون ته سنڌي قوم جي انگن ۽ ننگن جي تحفظ لاءِ نڪتل هن قافلي ۾ شامل ٿي انهن جو تحفظ يقيني بڻائين .