واپارين 28 ۽ 29 آڪٽوبر تي ملڪگير هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : ايف بي آر سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد واپارين 28 آڪٽوبر ۽ 29 آڪٽوبر تي تائين ملڪ گير هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. واپارين مطالبن جي مڃتا لاءِ آبپاره کان سرينا چوڪ تائين مارچ ڪيو ته پوليس رنڊڪون وجهي کين روڪي ورتو، جنهن بعد واپاري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. واپارين ۽ پوليس وچ ۾ ڪجهه دير تائين چڪريون هلڻ بعد ايف بي آر اختيارين واپارين سان ڳالهيون شروع ڪيون، ڳالهين جا ٻئي دور ناڪام ٿيڻ بعد واپاري ڌرڻو ختم ڪندي 28 ۽ 29 آڪٽوبر تي ملڪگير هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. آل پاڪستان انجمن تاجران جي صدر اجمل بلوچ ۽ ٻين واپارين چيو ته اسان حق گهري رهيا آهيون، ڪو غير قانوني ڪم نه پيا ڪيون. اسان کي هن حڪومت جي پاليسين مجبور ڪيو آهي. هن چيو ته اسان ايف بي آر جا شرط رد ڪيون ٿا. واپاري اڳواڻن چيو ته اسان کي چيو ويو ته جيڪو ڪرڻو آهي ته ڪيو، اسان ٻڌائينداسين ته ته اسان ڇا ڪنداسين، اسان چئون ٿا ته ايف بي آر کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪري وٺي. اسان سڃاڻپ ڪارڻ جو قانون نه ٿا مڃون. واپارين چيو ته اسان مشرف دور ۾ به ڪامياب ٿي هئاسين. واضح رهي ته ايف بي آر شرط رکيو ته هول سيلرز خريدارن کان سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي وٺن، واپارين اهو شرط مڃڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.