هڪ ٽرمپ هليو ويو، هاڻي پاڪستاني ٽرمپ کي به گهر ڀيڙو ڪنداسين، پشاور ۾ تاريخي جلسو ٿيندو: فضل الرحمان

پشاور :- پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هڪ ٽرمپ هليو ويو، هاڻي پاڪستاني ٽرمپ کي به گهر ڀيڙو ڪنداسين، پشاور ۾ تاريخي جلسو ٿيندو، بي آر ٽي جِي حالت ڏسي ملڪي حالتن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو  ته ناجائر حڪمرانن طرفان جلسو نه ٿيڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي وئي، پشاور ۾ تاريخي جلسو ٿيندو،  هڪ ٽرمپ هليو ويو، هاڻي پاڪستاني ٽرمپ کي به گهر ڀيڙو ڪنداسين، سڀاڻي پشاور ۾ تاريخي جلسو ٿيندو، بي آر ٽي جِي حالت ڏسي ملڪي حالتن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو: پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان چيو ته  ناجائز حڪمران پاڻ ڪورونا وائرس آهن، حڪومت کي جلسو ناڪام بڻائڻ لاءِ جڏهن ڪجهه نه مليو ته چيو ويو ته ڪورونا جو خطرو آهي هو ڪَووِڊِ 18 جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.  پي ڊي ايم سربراهه چيو ته 26 نومبر تي لاڙڪاڻي ۽ 30 نومبر تي ملتان ۾ جلسا ٿيندا، عوام جو ووٽ چوري ڪندڙن کي ڪٿي به سُک سان ويهڻ نه ڏينداسين. مولانا فضل الرحمان چيو ته بي آر ٽي پشاور جون بسون ڌِڪِي تي هلي رهيون آهن ، بي آر ٽي ڏسي انهن جي نااهلي جو اندازو  لڳائي سگهجي ٿو. پي ڊي ايم سربراهه چيو ته عوام پريشاني جو شڪار آهي، هر طبقو ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، سياسي نظام ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. مستقبل لاٰءِ منصوبي جي ضرورت آهي.هن چيو ته دنيا جي سياست تبديل ٿي رهي آهي، آمريڪي ٽرمپ هليو ويو هاڻي پاڪستاني ٽرمپ کي به گهر ڀيڙو ڪنداسين، ڀارت جو ٽرمپ رهندو ، اهو ڀارت پاڻ ڄاڻي