هڪ ناري گم ٿيل ڀاءُ جي بازيابي لاءِ 4 سال وڙهندي رهي پر انصاف نه ملڻ تي هن خودڪشي ڪري ڇڏي، ان جو ڪيس ڪنهن جي خلاف داخل ڪرڻ گهرجي : اختر مينگل

اسلام آباد :- بلوچستان نيشنل پارٽي، تحريڪ انصاف جي حڪومت سان اتحاد ختم ڪري ڇڏيو، بي اين پي سربراهه اختر مينگل قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته ساڻن ٿيل معاهدي تي ڪوبه عمل ناهي ڪيو ويو. هن چيو آهي ته ايوان ۾ سندن ڪابه ڳالهه نٿي ٻڌي وڃي پر جيستائين هو ايوان ۾ موجود آهن پنهنجي ڳالهه ڪندا رهندا. اختر مينگل چيو آهي ته ٻن سالن تائين پي ٽي آءِ سان گڏ معاهدي تي عمل ٿيڻ جو انتظار ڪيو ۽ وڌيڪ انتظار ڪرڻ لاءِ به تيار آهيون پر ڪجهه شروع ته ڪيو. بي اين پي سربراهه چيو آهي ته حڪمرانن کي شايد اسان جي اتحاد جي ضرورت ناهي رهي، اڄ مان پي ٽي آءِ جي حڪومت سان عليحدگي جو اعلان ڪيان ٿو. هن چيو ته هڪ ناري جنهن جو ڀاءُ لاپتا هو ان جي بازيابي لاءِ هوءَ 4 سال وڙهندي رهي پر انصاف نه مليو، آخر ڪار هوءَ ٻه ڏينهن اڳ خودڪشي ڪري ڇڏي، هن جي ايف آءِ آر ڪنهن جي خلاف ڪٽڻ گهرجي. اخترمينگل وڌيڪ چيو آهي ته بلوچستان جو مسئلو سياسي آهي، خد ان جي لاءِ بلوچستان کي گڏ کڻي هلڻ ٿا چاهيو ته ان معاهدن تي عمل ڪيو. هن چيو آهي ته مان توهان سان هٿ ملايو آهي گِلا نه پيو ڪيان، صدر، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين سميت هر موقعي تي ووٽ ڏنو، اپوزيشن ۽ حڪومتي بئنچز جي طرفان الزام لڳايو ويو ته 10 ارب ۾ اسان وڪامجي ويا آهيون. هن چيو آهي ته حساب ڪندو ته توهان جو هڪ هڪ وار بلوچستان جو قرضي نڪرندو، پر بلوچستان توهان جو قرضدار نه هوندو. واضح رهي ته قومي اسيمبلي ۾ بي اين پي مينگل جا چار ميمبرز آهن جڏهن ته سينيٽ ۾ صرف هڪ ميمبر آهي