هڪ سال دوران پيٽرول جي قيمتن ۾ 6 ڀيرا واڌ

اسلام آباد:-  سال 2019 جي 6 مهينن ۾ پيٽرول جون قيمتون وڌيون ۽ 5 مهينن ۾ گهٽ ٿيون. جڏهن ته 2 مهينا اگهن کي مستحڪم رکيو ويو. سال 2019 ۾ 6 ڀيرا اضافي سان پيٽرول جي في ليٽر قيمت 28 روپيه 33 پئسا في ليٽر وڌائي وئي جڏهن ته 4 ڀيرا گهٽتائي سان پيٽرول جي قيمت ۾ 10 روپيه 29 پئسا گهٽتائي ٿي. سال 2019 جي دوران 2 ڀيرا پيٽرول جو مهينيوار قيمتون برقرار رکيون ويون ۽ ائين سڄي سال ۾ پيٽرول جي قيمت 18 روپيه 4 روپيه پئسا وڌي. گذريل سال جي دوران ڊيزل جي قيمت 6 ڀيرا واڌ سان في ليٽر قيمت 26 روپيه 6 پئسا وڌي. جڏهن ته 3 ڀيرا گهٽتائي سبب في ليٽر ڊيزل 11 روپيه 99 پئسا سستو ڪيو ويو.3 ڀيرا ڊيزل جي مهينوار قيمت ۾ هير ڦير نه ڪئي وئي. ائين سڄي سال ۾ ڊيزل 15 روپيه 7 پئسا مهانگو ٿيو. گذريل سال گاسليٽ 5 مهينن ۾ 5 ڀيرا مهانگو ٿيو جڏهن ته 2 مهينا اهڙا هئا جو گاسليٽ جون قيمتون برقرار رهيون. گاسليٽ جي قيمتن ۾ گهٽتائي کان پوءِ سڄي سال ۾  گاسليٽ جي في ليٽر قيمت ۾ 12 روپيه 79 پئسا واڌ ڪئي وئي.