هٿيارن جو وڪرو جاري: معاهدا مڪمل ٿيندا: روس

ماسڪو :-  روس چيو آهي ته اهو هٿيارن جي وڪري کي جاري رکندو، ان کان علاوه جاري معاهدن کي مڪمل ڪيو ويندو. روسي هٿيارن عالمي سطح تي پنهنجي معيار کي ثابت ڪيو آهي.اهڙو اظهار روس جي صنعتن ۽ واپار واري وزير ڊينس مانٽو روف پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته جيڪي ملڪ روس جي هٿيارن ۾ دلچسپي رکن ٿا، انهن سان ڪاروباري سرگرمين کي بنا ڪنهن تعطل جي جاري رکبيون جڏهن ته پهرين کان طئي ٿيل معاهدن تحت هٿيارن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.