هي سرڪاري اسڪول 12 سالن کان بند آهي، اها ڪرپشن آهي. فاطمه ڀٽو

ڪراچي :- فاطمه ڀٽو سجاول ۾ پنهنجي ڏاڏي شاهنواز ڀٽو جي نالي سان منسوب اسڪول جي تصوير سوشل مڊيا تي شيئر ڪندي چيو آهي ته هي سرڪاري اسڪول 12 سالن کان بند آهي، اها ڪرپشن آهي. فاطمه ڀٽو اپيل ڪئي آهي ته سوشل ميڊيا تي بند پيل اسڪولن جون تصويرون شيئر ڪري اُتان جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي کي ڳوليو، نيٺ ڪيستائين نسلن جا نسل هنن جي هٿن ۾ يرغمال بڻيل رهندا. شهيد مير مرتضيٰ نياڻي فاطمه ڀٽو سماجي رابطن واري ويبسائيٽ ٽوئيٽر تي سجاول جي پرائمري اسڪول جون تصويرون شيئر ڪيون. اسڪول جي باري ۾ فاطمه ڀٽو لکيو آهي ته سجاول مان چونڊيل ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز پاڪستان جي امير ترين ماڻهن ۾ شمار ٿين ٿا، ڇا اُهي پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي بُنيادي خدمت ڪرڻ لاءِ ڊُڪ ڊوڙ نٿا ڪري سگهن يا کين اُنهن جي پرواهه ئي نه آهي؟ هُن سجاول جي اسڪول جي تصوير شيئر ڪرڻ سان گڏ لکيو ته عملي طور اها ڪرپشن ٿي رهي آهي، سجاول ۾ سرڪاري بوائز اسڪول جي اها حالت آهي، جنهن جو نالو سر شاهنواز ڀٽو گورنمينٽ اسڪول آهي. فاطمه ڀٽو لکيو ته هن اسڪول تي سندس عظيم ڏاڏي جو نالو رکيو ويو آهي، پر مبينا طور لوڪل گورنمينٽ طرفان انهي اسڪول کي هلايو وڃي ٿو. اهو اسڪول 12 سالن کان لڳاتار بند آهي. اسٽيٽس ۾ فاطمه ڀٽو ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته جيڪڏهن توهان علائقي ۾ ڪو گهوسٽ اسڪول آهي ته اُن جي تصوير ڪڍيو ۽ تفصيلن سان گڏ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪريو، پوءِ اُن علائقي جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي ڳوليو، نيٺ ڪيستائين نسلن جا نسل هنن جي هٿان يرغمال بڻيل رهندا.