هو سڙيا سنڌ جي سلسلي ۾ هئا: امير آزاد پنهور

مون جڏهن به لطيف سائين جون هي سِٽون پڙهيون آهن: ”الله ٻه جيئن، هڪ سورهيه ٻيو ڏاتار“، ان وقت منهنجي ذهن تي شهيد سرائي قربان کهاوڙ جي تصوير جڙي ايندي آهي. هُو جيترو بهادر هو، اوترو ئي سخي هو. هڪڙا ماڻهو سياسي جدوجهدن کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪندا آهن ۽ ٻيا سرائي قربان جيان پنهنجو تن، من، ڌن پنهنجي وطن تان قربان ڪندا آهن. سرائي ته عبدالواحد آريسر جو پيارو هو ۽ هُن کي آريسر صاحب جا هي لفظ وڻندا هئا ته هي سر هوندو ئي ٻن ڪمن لاءِ آهي، يا ته محبوب جي قدمن ۾ جهڪائڻ لاءِ يا وطن تان قربان ڪرڻ لاءِ ۽ مون کي ياد آهي ته جڏهن سرائي قربان شهادت ماڻي ڌرتي ماءُ جي هنج سمهي رهيو هو، اُن وقت آريسر صاحب جي اهڙي ڪيفيت هئي، جهڙي ڪنهن پيءُ جي پنهنجي بهادر پٽ جي شهادت وقت هوندي آهي، يا ڪنهن سپھ سالار جي پنهنجي ٻانهن جي ٻل ساٿي جي شهادت وقت هوندي آهي، اُن وقت آريسر صاحب وڏي فخر سان چئي رهيو هو ته ها سرائي جيڪو چيو هو، اُهو ڪري ڏيکاريو. هو جيڪو زميندار گهراڻي جي ملڪيت جو اڪيلو وارث هو، جيڪو چاهي ها ته شهدادڪوٽ جي روايتي وڏيرڪي سياست جو حصو ٿي اقتداري ايوانن ۾ آسائش واري زندگي گذاري پئي سگهيو، پر هو پنهنجي نالي جيان رڳو قربان ڪرڻ ئي سکيو هو. سرائي جي زمينداري جي سڄي اپت پنهنجي گهرڀاتين کان وڌيڪ پارٽي ڪارڪنن ۽ پارٽي جي سرگرمين تي خرچ ٿيندي هئي. هو نه رڳو جيل ۾ پيل ساٿين جي مالڪي ڪندو هو، پر هر قومي ڪارڪن جي هر مشڪل ۾ واهرو هو. پارٽيءَ جا ڪيترائي پروگرام سرائي پنهنجي ذاتي خرچ تي ڪري سگهندو هو ۽ ڪيترن ئي ساٿين جي هلڻ گهمڻ جو خرچ به سرائي تي هوندو هو ۽ شهدادڪوٽ ۾ سرائي جي اوطاق هر بي سهارا ماڻهو جو سهارو هئي ۽ هن جو سورهيائي وارو پاسو ئي سندس شخصيت جي اصل جوهر هو. مون شايد ئي زندگيءَ ۾ ويجهي کان اهڙو ماڻهو ڏٺو هجي، جيڪو موت کان ايترو بي خوف ۽ بي پرواھ هجي ۽ هر قدم تي کلندي کلندي زندگي دان ڪرڻ لاءِ تيار هجي. شهيد سرائي هر وقت لطيف سائين جي هنن سٽن جيان هلندو هو:
قلعي وير ڪٽڪ ۾ پاکر جو پائي،
انهيءَ کي جيئڻ جو آسانگو آهي،
سورهيه سو چوائي جو رڳو ئي رڻ گهڙي!
منهنجي شهيد سرائي قربان ۽ شهيد روپلي سان پهرين شناسائي ان وقت ٿي هئي، جڏهن هُو جسقم جي اليڪشن ڪميٽي ۾ هو ۽ سنڌ يونيورسٽي جي هوشو هاسٽل ۾ جساف جي مرڪزي اليڪشن ڪرائڻ آيو هو. سرائي ان کان اڳ جساف جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ جسقم جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري رهي چڪو هو. ان ئي اليڪشن ۾ شهيد روپلو جساف جو نائب صدر چونڊيو هو ۽ مرڪزي صدر ڪيهر انصاري جي جيل ۾ هجڻ سبب قائم مقام صدر ٿيو هو. اها شناسائي مون کي وڌيڪ متحرڪ سياسي سفر ڏانهن وٺي آئي، ان وقت شاگرد سياست جا به پنهنجا رنگ هئا ۽ سرائي جي موجودگي شاگردن لاءِ ڏڍ ۽ سهارو هئي، هر تڪليف جي وقت نه رڳو شهيد سرائي ۽ روپلو پهچندا هئا، پر شهيد نورالله ۽ سهيل ڀٽي به ڄڻ اسان کي اسان جي ئي اداري سنڌ يونيورسٽيءَ جا شاگرد لڳندا هئا، انهن ئي ڏينهن ۾ آريسر صاحب ۽ شهيد بشير خان ۾ اختلاف ٿيا ۽ جسقم جي آرگنائيزنگ ڪميٽي شهيد شفيع ڪرناڻي جي سربراهي ۾ ٺهي. سرائي قربان ان ڪميٽي جو ميمبر هو ۽ ان ڪميٽي طرفان شهيد سرائي قربان جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻي کان سن تائين ”سنڌ گهري ٿي آزادي“ مارچ شروع ٿيو. مون کي ياد آهي اسان يونيورسٽي جي شاگردن ڇڇر واري پل وٽ جڏهن مارچ جو استقبال ڪرڻ پهتاسين ته سرائي اڳيان اچي رهيو هو، هن جي هٿ ۾ لٺ هئي ۽ ڄنگهه ۾ تڪليف سبب منڊڪائي رهيو هو. سرائي جي هڪ ڄنگهه ۾ راڊ لڳل هئي، جنهن هن کي تنگ پئي ڪيو، پر هن هڪ سپهه سالار جيان اهو سفر جاري رکيو، اڳتي هلي جسقم ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي ۽ شهيد سرائي قربا ۽ اسين آريسر صاحب سان گڏ بيٺاسين. 2006ع کان 2010ع تائين وارو عرصو شهيد سرائي قربان، شهيد روپلو چولياڻي ۽ شهيد نورالله سان گڏ تنظيم ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هي اُهو عرصو آهي، جنهن جي شايد ئي ڪا هڪڙي رات سرائي سڪون سان ويٺو هجي، هُن آريسر صاحب جي هدايتن هيٺ سڄي سنڌ ۾ هڪڙو سياسي تحرڪ پيدا ڪيو. سرائي قربان جي ئي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽر صفدر سرڪي جي آزادي لاءِ 72 ڪلاڪن جي بک هڙتال حيدرآباد پريس ڪلب تي ڪئي وئي ۽ سرائي پارٽيءَ جي وفد کي وٺي وڃي اسلام آباد ۾ احتجاج ڪيو، ٻيا ڪيترائي احتجاج ڪيا ويا، اهو شهيد سرائي ئي هو، جنهن جي تجويز تي جسقم طرفان 14 فيبروري ويلنٽائن ڊي کي سنڌ سان محبت جو ڏينهن ڪري ملهايو ويو ۽ حيدرآباد ۾ شاندار جلسو ٿيو. شهيد جي ٻي وڏي خوبي هئي ساٿ کي سهيڙي هلڻ، ان سٿ ۾ شهيد روپلو به هو، جيڪو جنهن مهل اسٽيج تي تقرير ڪرڻ ايندو هو ته ڄڻ هالار گجندو هجي، دولھ درياھ خان جنگ جي محاذ تي هدايتون ڏيندو هجي ۽ روپلو اڪثر هجت ڪري چوندو هو ته امير هو فلاڻو شعر ته ياد ڪرائي ۽ سندس شاعري پڙهڻ جو انداز به انتهائي شاندار هو.
شهيد روپلو وارھ کان سنڌ يونيورسٽي تائين شاگرد سياست جو هڪ متحرڪ ڪردار رهيو ۽ شهيد نورالله تنيو انتهائي بهادر ۽ انتهائي ماٺيڻو هو، اسٽيج تي بيهي تقريرون ته نه ڪندو هو، پر هر انقلابي قدم ۾ ڪڏهن به جان جي پرواھ نه ڪندو هو. منهنجي جڏهن کان سرائي قربان سان شناسائي ٿي، مون ڪڏهن به نورالله کي کانئس الڳ نه ڏٺو. سرائي قربان پنهنجي سڄي سٿ سان 2010ع ۾ جسقم آريسر کي ڇڏي اڃا اڳتي وڌڻ جي ارادي سان جسمم ۾ شموليت ڪئي، پارٽيون جدا ٿيڻ سان ڄڻ ته اسان جي سياسي عمل جا رستا الڳ ٿي ويا، پر پوءِ سرائي قربان پنهنجي دوستن کان پاڻ کي ڪڏهن به الڳ نه ڪيو. هُو ڪيڏو به ڏکين حالتن ۾ هجي، پر ساٿين جي سار هر صورت ۾ لهندو هو. اسان ڪڏهن به سرائي کي پاڻ کان الڳ محسوس نه ڪيو ۽ هڪ اهڙو وقت هو، جڏهن قومي تحريڪ شديد رياستي آپريشن مان گذري رهي هئي، هن پنهنجي ساٿين جا لاش پنهنجي ڪلهن تي کنيا، ساٿين کي جبري طور گم ٿيندي ڏٺو، کيس ڌمڪايو ۽ ڊيڄاريو ويو. مون کي سرائي قربان جي پٽ شير خان ٻڌايو ته هڪڙي ڏينهن سڀ گهر جا ڀاتي ويٺا هئاسين ته ڀيڻ بابا کان پڇيو ته بابا اسان سڀني مان اوهان کي ڪير پيارو آهي ته بابا چيو ته اوهان سڀ مون کي پيارا آهيو، پر سنڌ اوهان سڀني کان وڌيڪ پياري اٿم ۽ هن اپريل جي اڀاڳي مهيني جي 21 تاريخ 2011ع ۾ شهيد سرائي قربان کهاوڙ، شهيد روپلو، چولياڻي، شهيد نورالله تنيو ۽ هڪ گمنام ساٿي جيڪي ڪار ۾ وڃي رهيا هئا ته سنڌ جي حرن جي سرزمين سانگهڙ ويجهو باکوڙي موريءَ وٽ سندن گاڏي تي رياستي ادارن طرفان حملو ڪيو ويو ۽ گاڏي کي باھ ڏئي هن سنڌ جي سورهيه پٽن کي شهيد ڪري واقعو لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر خون ۽ کٿوري ڪٿي ٿا لڪي سگهن. مون ڪٿي پڙهيو هو ته ڪي لمحا ڪردار تبديل ڪري ڇڏيندا آهن، جيئن ئي ماڻهو سڙيل گاڏي کي ويجهو پهتا ته مخدوم بلاول جي ٻئي روپ شهيد نورالله تنيو سڄو جسم سڙيل هجڻ جي باوجود سنڌ جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا ۽ ماڻهن کي نه رڳو پنهنجو ۽ دوستن جو تعارف ڪرايو، پر هن جو پنهنجي حواسن تي ايترو ضابطو هو جو هن ماڻهن کان موبائيل وٺي سندس سٿ جي محبوب ساٿي سهيل ڀٽي کي ڪال ڪري سڄي واقعي جو ٻڌايو. مون کي ياد آهي ته جڏهن اسين حيدرآباد اسپتال پهتا هئاسين ته شهيد کي ڪراچي لاءِ شفٽ ڪيو پئي ويو ۽ هو ايمبولينس مان نعرا هڻي دوستن کي آٿت ڏئي رهيو هو ۽ شهيد نورالله وڏي بهادري سان ميڊيا جي اڳيان واقعي کي رکي اهو ثابت ڪيو ته شهيد قومن جي تاريخ جا شاهد هوندا آهن. اڄ هن ٽنهي شهيدن جي ورسيءَ تي جڏهن کين قومي سلام پيش ٿا ڪريون، ان وقت ان ئي سٿ جي محبوب سهيل ڀٽي کي به ياد ٿا ڪريون، جنهن کي 5 سال اڳ شهدادڪوٽ مان کنڀي گم ڪيو ويو هو ۽ هن کي اڃا تائين ظاهر ناهي ڪيو ويو.