best job application letter ever written creative writing retreats europe my homework helper lesson 2 make me do my homework using essay writing services creative writing description of a mansion top 10 essay writing services essay question on price discrimination help me focus on homework help desk personal statement i stayed up all night doing homework however i just couldn't concentrate creative writing submissions uk

هولي جا سيڪيولر ثقافتي رنگ : ليکڪ رام اوڏ

سناتن ڌرم ۽ مٿالاجي هڪ ٻئي ۾ جڙيل آهن. هندو ڌرم ۾ ملهايا ويندڙ تهوار يا ته موسمن سان منسوب آهن يا هندو مٿالاجي ۾ اخذ ڪيل آهن. ڪنهن به سماج جي طرِز زندگي ۾ وهم ۽ وسوسا تاريخي حالتن مطابق جنمندا ۽ اثر انداز ٿيندا رهيا آهن. ماڻهو جيئڻ دير سان سکندا آهن. جيسين جيئڻ سکن، تيسين انهن جي مٿي ۾ مِٿِ پئي ارتقا ڪندي آهي.

هولڪا ۽ پرهلاد ڀڳت جي ڪٿا به هڪ ديومالائي قصو آهي، جنهن کي هولي تهوار جي ملهائڻ جو سبب ڄاڻايو ويو آهي. پرهلاد ۽ هرڻاڪشپ جو قصو وشنو پراڻ ۾ موجود آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هولڪا سڙي وڃي ۽ پرهلاد باھه مان بچي وڃي؟ جڏهن جهيڙو هرڻيه ڪشپ ۽ پهلاد جي وچ ۾ هو ته هولڪا ان جهيڙي جو ٻارڻ ڇو ڪئي وئي؟ اهو ذڪر غير عقلي آهي. ديومالائي قصن ۽ ڪهاڻين ۾ جتي مافوق الفطرت لقائن جو ذڪر آهي، اتي انهن ڪٿائن کي راجائن ۽ راڻين سان به ڳنڍيو ويو آهي، ۽ جيت به ان ڪلاس جي ڏيکاري وئي آهي. مها ديوتا ۽ ڀڳوان به گهڻو ڪري حڪمران ڪلاس جا آهن. بلڪل ايئن جيئن موجوده دور ۾ حڪمران ڪلاس ۽ مذهبي پنڊت هڪ ٻئي کي ٿوڻي ۽ ٽيڪ ڏيو بيٺا هوندا آهن. مٿالاجي جو هڪ خاص دور تاريخ ۾ رهيو آهي. ۽ رياستي تعليمي نظام جي ڪري ماڻهو ان ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت جڪڙيل رهيو آهي. عقلي سوچ رکڻ ۽ سوال ڪرڻ فلسفي جون خصلتون آهن ۽ اهي خصلتون نصاب مان ئي خارج ٿيل آهن. ان ڪري عقلي انداز ۾ شين جو ڇيد ڪرڻ ۽ شڪ ڪرڻ کي ميڄالو نيڪالي مليل آهي.

هولي جو تهوار زرعي سماج جو ثقافتي پسمنظر رکي ٿو. هي تهوار بهار جي موسم ۾ اچي ٿو. چيٽ جي ڦوٽهڙو ٿئي ٿو ۽ وڻن ٻوٽن ۾ گئونچ نسرن ٿا. واهوندن جي واهيرن ۾ هي بسنت رت هولي جهڙا رنگ روپ کڻي پورن ماسي جي ڏينهن ۾ ڦڳڻ جي آجيان ڪندي آهي. هي اهي ڏينهن آهن، جڏهن ڪڻڪ، سرنهن ۽ سونف جي سرهاڻ سرهائي آڻيندي آهي. پوري سال ۾ هي مند سڳنڌ وتي ۽ دلربا هوندي آهي. هولي ڦڳڻ جي سهائي چوڏس تي ملهائجي ٿي. ميران ٻائي به اهڙي ئي رت جي رومانس محسوس ڪري ٿي، سندس شاعري ۾ موسم جي اثر جو فطري رنگ ملي ٿو. هن جي من ۾ سُرندي جون تارون سُر ڇيڙين ٿيون :

ڦاگڻ ڪي دن چار دي

هولي کيل منا ري

بڻ ڪرتال پکا وج باجي

انهي ري جهنڪاري

بڻ سُر راگ ڇتيون گائون

روم روم انگ سارزي

هولي کيل پيو گهر آوي سوئي

پياري پي پيار ري.

هولي ھڪ قديم تھذيب جو تسلسل ۽ روايت آهي ته ٻئي طرف برھمڻ ازم جي ثقافتي يلغار سبب منسوب نسل پرستاڻي روايت به آهي. علي عباس جلالپوري پنهنجي ڪتاب رسوم اقوام ۾ چوي ٿو:“هولي دراوڙن جو تهوار آهي.” دراوڙ سنڌو ماٿر جي سيڪيولر تهذيب جا اڏيندڙ آهن. موئن جي دڙي مان ناچڻي جي مورتي ملي آهي، هن سمبارا ايئن رقص ڪيو ٿي، جيئن اڄ دراوڙ هولي تي ڪن ٿا:

جب ڦاگن رنگ جهمڪتي هون، تب ديک بهارين هولي ڪي،

پريون ڪي رنگ دمڪتي هون، شيشي جام ڇلڪتي هون،

محبوب نشي ۾ جهڪتي هون، تب ديک بهارين هولي ڪي،

آ ڌمڪي عيش و طرب ڪيا ڪيا، جب حسن دکهايا هولي ني. (نظير اڪبر آبادي)

روايتي زندگي ۾ تهوارن جو اچڻ هڪ لحاظ کان نواڻ ۽ تازگي جو احساس به آهي، پوءِ کڻي انهن تهوارن پويان تاريخ ۽ ڪٿا ڪهڙي به هجي. سناتن ڌرم جي نالي ڪافي تهوار ملهايا وڃن ٿا، حقيقت ۾ اهي ثقافتي تهوار به آهن، جيڪي مختلف موسمن سان به منسوب ٿيل آهن. ويساکي، رکڙيءَ، سانوڻ ٽيج ۽ هولي جهڙا تهوار ڌرم کان وڌ ثقافت جي وصف تي ٺهڪن ٿا. انهن ئي ڏينهن ۾ عوامي سيڪيولر زندگي جا عڪس ۽ اولڙا نظر اچن ٿا، ڇو ته انهن ئي تهوارن جي جوهر ۾ رقص ، موسيقي، گيت ۽ رنگ جو رومانس جهلڪي ٿو.

جيئن هولي بهار رت جو تهوار آهي، ايئن ئي سانوڻ ٽيج يا سرامڻ ٽيج سانوڻي جو تهوار آهي. ان ڏينهن نوجوان ناريون سانوڻ جي آجيان ڪندي وڻن جي لامن ۾ لوڏ ٻڌي لڏنديون آهن، ۽ پيئرن جي گهر تهوار ملهائيندي لوڪ گيت ڳائينديون آهن. سنڌ ماتا جي تمدن ۽ اتهاس ۾ هي ڏڻ روشن خيالي جي علامت آهي. هي رسمي ڏينهن عورت کي مهانتا ڏئي، ان جي آزادي جي پرمپرا ڪري پريمي يا پتي سان پريم جو سٻنڌ جوڙي ٿو. سانوڻ ٽيج گيت جي ترنم ۽ ڪيفيت ۾ پريم ۽ وڇوڙي جو آلاپ هوندو آهي. اياز به جدائي جي درد تي لکي ٿو:

آئي سانوڻ ٽيج ڙي

گج سوين تارڙا، واجھه وجهي وڄ ڙي!

ڇوريءَ نه ڇڄ ڙي!

آئي سانوڻ ٽيج ڙي

ڀُڄ مٿان بادلو، ڀيڄ ڀنيءَ وسجو!

پائر به پسجو!

آئي سانوڻ ٽيج ڙي

ڪافي اهڙا تهوار آهن جن کي ڌرم جي غلاف ۾ ويڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر انهن تهوارن ۾ صرف اهي رويا، قدر ۽ رجحان زندھه رهي پروان چڙهي سگهيا آهن، جن ۾ زندگي لاءِ ساھه ٻوساٽ بجاءِ نواڻ، آزادي، محبت ۽ خوبصورتي جي مڌرتا ڪر کڻي جُهومي سگهي. هولي به زندگيءَ سان ڀرپور تهوار آهي.

سانوڻ ٽيج جيان هولي کي بنيادي طرح ڌرمي تهوار طور ملهايو وڃي ٿو، پر هولي جي رنگن ۾ سيڪيولر سوچ جا اولڙا نمايان نظر اچن ٿا. هن ڏڻ جي عقيدي واري ڌرمي تشريح کي عقل جي تناظر ۾ به سمجهڻ گهرجي. اڄ جو عقل دوست انسان انهي ڳالھه کي نظر انداز ڪرڻ کان نابري واريندو ته رڳو پوڄا هجي، رنگ گلال، ناچ ۽ نغمو نه هجي:

نيڻن ۾ اُڏري پيو منظر هولي جو

منهجي چولي جو رنگ اُڏاڻو ٿو وڃي.

هولي ۾ رنگ ورشا ۾ نرتيه گير تجريدي مصوري جو اسڪيچ لڳي ٿي، ۽ دلڪشي جيون ۾ ڪر کڻي رنگن سان راند رمي ٿي، جيئن بلهي شاھه اظهاري ٿو:

ڦگن ڦولي کيت، جيون بن تن ڦول سنگار

هر ڊالي هل پتيان، گل ڦولن ڪي هار

هوري کيلن سيان گگن

ميري نين جهلارين وگن

اوکي جيون دي دِن تگن

سيني بان پريم دي لگن

هوري هوري.

هولي ۾ رنگن جي نغمگي ۽ مڌرتا جو احساس ٿئي ٿو. رقص ڪري ۽ رنگ هاري ماڻهو هڪ ٻئي کي پنهنجو ڪن ٿا. ان حوالي سان هولي متڀيد، اوچ نيچ ۽ تعصب پرستي جي خلاف استعارو به آهي. لبن تي لڳل لِپ اِسٽڪ کان سُرمئي ڪجلين اکين تائين، ساڙهي ۽ چولي کان ويندي ٿر تي ٿوهر تائين هي سڀ رنگ هن سنسار جي سونهن آهن، جيڪي هن دنيا کي حقيقي طور تي سرڳ بنائن ٿا.

رنگن جي انڊلٺ مان رقص جو عڪس اُڀري پوي ٿو، اهو ئي هولي ملهائڻ جو بهترين نمونو آهي. ايئن، هولي جهڙا تهوار نه صرف زندگي جي يڪسانيت ۾ نواڻ آڻين ٿا، پر خوشيون ورهائڻ جو سبق به ڏين ٿا. خوشين کي خريد ڪري ۽ وڪڻي نٿو سگهجي. هڪ ٻئي کي رنگ هارڻ جو مطلب زندگي جي خوشين ۾ ٻين کي شامل ڪرڻ آهي. ريت جي ان پريت ۾ هي قبوليت ۽ مڃتا آهي، جيڪا نسل پرستي ۽ فرقيواريت کي نندي ٿي. اهڙي طرح سماج جي مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهو کي نه صرف خوشين ۾ شريڪ ڪجي ٿو، پر پنهنجو به ڪجي ٿو.

هولي جا رنگ سٺي سوچ، امن ۽ آدرش جو سنگم آهن، رنگت جي رڌم ۾ آرٽ جهڙي جمالياتي خوشي محسوس ٿيندي آهي، اهو ئي ثقافتي اهڃاڻ آهي، جيڪو شدت پسندي سامهون ٿي انهي سوچ جي انتها کي ماٺو ڪري ٿو.

خوشي ۾ انسانيت جو احساس هجڻ ضروري آهي. جيئن ته هي ڏڻ خوشين جي سيليبريشن به آهي. ڇا اها مسرت پورهيت کي ميسر آهي؟ ڪجھه نئين انداز ۾ به سوچجي. جيئن ته اهي ڏينهن روايتي زندگي ۾ خوشيون آڻين ٿا. هن رجعتي دور ۾ جيئڻ لاءِ نواڻ به ضروري آهي. تهوارن جي ملهائجڻ ۾ به ماڻهو زندگي جي روزمره جي ڪم ڪار ۽ ڪارونهوار جي بوريت مان تازگي، فرصت ۽ نواڻ محسوس ڪري ٿو. هن سرمائيداراڻي  نظام تي بيٺل بدترين حڪمراني عوام کان خوشيون کسي ورتيون آهن.

خوشين جو تعلق به معاشي طور بهتر زندگي ۾ آهي. ماڻهو جڏهن اٽو ۽ ڪپڙا نه خريد ڪري سگهي ته خوشين جي تهوارن ۾ مايوسين جو ڪفر ذهن جي تصورن ۾ ڪاھه ڪري ٿو. ڇو ته معاشي مسئلي جي حل کانسواءِ روحاني مسئلن جي اهميت ڪونهي.

اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته ڪاروباري ڪلاس انهن تهوارن جي ڏينهن ۾ خوب ڪاروبار ڪري ٿو ۽ غريب طبقو معاشي تنگدستي سبب ڪنهن تهوار تي سيڌو سامان خريد ڪرڻ لاءِ به پريشان هجي ٿو. هولي تي هڪڙن جي گهرن ۾ سهسين طعام پچن ٿا، ته ڪي رُکي ماني تي گذارو ڪن ٿا. هڪڙا سون کي سندوُر هڻن ٿا، ٻيا اٽي لٽي جي پريشاني کانپوءِ پوڄا پاٽ ڪن ٿا. هولي ۽ ڏياري جا ڏڻ  سيٺيي کيِ معاشي لُٽ مار لاءِ بهترين موقعو فراهم ڪندا آهن.

مذهب ذريعي به وڏو ڪاروبار ٿئي ٿو.سرمائيدار طبقي تهوارن کي به ڪمرشلائيز ڪري ڇڏيو آهي. هولي تي هي بورجوا طبقو وڏو خرچ ڪري ٿو، جڏهن ته پورهيت انهي ڏينهن تي ماني ڳڀي لاءِ پريشان هجي ٿو. ان ڪري تهوار طبقاتي تضادن کي به واضح ڪن ٿا.

سنڌ ۾ جتي دراوڙ قبيلا زميندارن وٽ هارپو ڪن ٿا. وڏيرا انهن جي پورهيي ۽ پگهر تي پلجن ٿا. پيشگي عيوض غلام بڻيل انهن ماڻهن جي خوشين کي ڪيئن ونڊجي، جڏهن اهي هن نظام کان تنگ اچي خودڪشي جي آپشن تائين به پهچي وڃن ٿا.

سنڌ ۾ هولي ملهائيندڙ دراوڙ قبيلن کي سياسي ۽ سماجي طور پوئتي رکيو ويو آهي. خاص ڪري اَمرڪوٽ ۽ ٿرپاڪر ضلعن ۾ دراوڙن جو ووٽ هار ۽ جيت جو فيصلو ڪندو آهي. انهن ئي ضلعن ۾ دراوڙن جي حق تلفي ٿئي ٿي. اتي ئي انهن قبيلن جو معاشي استحصال ٿئي ٿو.

هڪ پورهيت جيڪو هولي تي به معاشي طور پريشان رهي ٿو، هن کي صرف اهو ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته هن جي غربت ۽ بدحالي جو سبب ڪا به ديوي نه، پر هي پير، وڏيرو، سرمائيدار، جاگيردار، مجموعي طور هي پورو نظام آهي.