هندو انتهاپسندن جو دهلي مسجد تي حملو، مينار تي چڙهي ويا

نئين دهلي: ڀارتي گادي واري هنڌ نئين دهلي جي علائقي اشوڪ نگر ۾ هندو انتهاپسندن مسجد تي حملو ڪري ڏنو.گذريل ڏينهن نئين دهلي ۾ ان وقت وڳوڙ شروع ٿي ويا جڏهن اترين ۽ اڀرندي علائقن ۾ تڪراري شهريت جي قانون خلاف احتجاج ڪندڙن تي هندو انتهاپسندن حملا ڪيا هئا. گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڀارتي دوري باوجود اترين ۽ اڀرندي دهلي ميدان جنگ بڻيل رهيو ۽ انتهاپسند هندو حملي آورن ڪيترن ئي گهرن، دڪانن ۽ گاڏين کي ساڙي ڇڏيو.گذريل ڏينهن کان جاري وڳوڙن ۾ پوليس اهلڪار سميت 11 ڄڻا مارجي چڪا آهن، جڏهن ته 130 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن.انهيءَ وڳوڙن جي آڙ ۾ هندو حملي آورن دهلي جي علائقي اشوڪ نگر جي مسجد تي حملو ڪري ڏنو.سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هندو حملي آوارن جو جٿو اشوڪ نگر جي  جامع مسجد جي مينار تي چڙهي پيو.ڪيترن ئي شرپسندن مينار تي چڙهي چنڊ جي نشان کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ان سان گڏ ئي مسجد جا لائوڊ اسپيڪر لاهي زمين تي اڇلائي ڇڏيا.ان دوران هندو انتهاپسندن مسجد تي ڀارتي ترنگا ۽ هندوئن جي مذهبي علامت سمجهيو ويندڙ پرچم ڦڙڪايو، جڏهن ته ان دوران مسجد ۾ ڀڃ ڊاهه به ڪئي وئي.ٻئي طرف سوشل ميڊيا واهپيدارن جي وڏي تعداد مسجد تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. ان کي بابري مسجد جهڙو سانحو قرار ڏئي رهيا آهن.صدر مملڪت عارف علوي جي شديد مذمتصدر جي طرفان دهلي جي مسجد تي هندو انتهاپسندن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي.صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي به اشوڪ نگر مسجد تي هندو انتهاپسندن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ چيو ته ان غارت گيري سان بابري مسجد تي حملي جي ياد تازي ٿي وئي آهي.