مذهبي تعليمات موجب زندگي جو اعلان ڪندڙ فيروز خان ۽ سندس زال وچ ۾ عليحدگي جون خبرون وائرل

ڪراچي :- هلندڙ سال مارچ ۾ شوبز کي الوداع ڪري مذهبي تعليمات موجب زندگي جو اعلان ڪندڙ فيروز خان ۽ سندس زال وچ ۾ عليحدگي جون خبرون وائرل ٿي رهيون آهن. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ ٻنهي جي عليحدگي جي خبرن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٻنهي ۾ ذاتي رنجش سبب ڪجهه وقت اڳ کان ئي عليحدگي ٿي هئي. ڪجهه سوشل ميڊيا صارفين ٻنهي وچ ۾ طلاق ٿيڻ جون خبرون به پکيڙي رهيا آهن. سوشل ميڊيا تي پکڙيل اهڙين خبرن ۾ ڪجهه سوشل ميڊيا پيجز فيروز خان کي به پنهنجن ٽوئٽس ۽ پوسٽس ۾ مينشن ڪيو آهي جڏهن ته ان باوجود هنن ڪو جواب ناهي ڏنو. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل اڻ تصديق ٿيل پوسٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٻنهي شادي جي ٻن سالن کانپوءِ عليحدگي اختيار ڪري ورتي آهي. اهڙين خبرن ۾ ڪنهن به تصديق ٿيل ذريعن جو حوالو ناهي ڏنو ويو ۽ ٻنهي پاران تصويرون شيئر ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٻنهي ۾ عليحدگي کانپوءِ طلاق ٿي وئي آهي. فيروز خان ۽ سندس زال وچ ۾ عليحدگي جون خبرون هڪ اهڙي وقت ۾ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون آهن جڏهن ته هڪ هفتو اڳ ئي مشهور اداڪارا عروا حسين ۽ ڳائڻي فرحان سعيد جي عليحدگي جون خبرون به وائرل ٿيون هيون