هلندڙ سال جي آخر تائين ڪورونا ويڪسين تيار ٿي ويندي: ٽرمپ

واشنگٽن :- آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اميد ظاهر ڪئي آهي ته هلندڙ سال جي آخر تائين ڪورونا ويڪسين تيار ٿي ويندي. وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ ڪورونا ويڪسين جي تياري ۾ تيزي آڻڻ لاءِ ”آپريشن وارپ اسپيڊ جو اعلان ڪيو، جنهن جي سربراهي چيف سائنسدان ۽ آمريڪي فوج جو جنرل ڪندو. آمريڪي صدر ويڪسين جي تياري کي مين هٽن پراجيڪٽ کانپوءِ آمريڪي تاريخ جي وڏي پئماني تي سائنسي، صنعتي ۽ لاجسٽڪس ڪوشش قرار ڏنو. مين هٽن پراجيڪٽ ٻي عظيم جنگ دوران هڪ ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ جو ڪم هو، جنهن سان پهريون ڀيرو جوهري هٿيار تيار ڪيا ويا هئا. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته ويڪسين تيار ٿئي يا نه آمريڪا معمول ڏانهن موٽي رهيو آهي ۽ واپسيءَ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، ڇو ته اهو تمام ضروري آهي. سندس موجب اميد آهي ته ڪورونا خلاف ويڪسين هلندڙ سال جي آخر تائين تيار ٿي ويندي ۽ ان کي مفت فراهم ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.