هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ گاڏين جي آمدني واپار ۾ 3.25 سيڪڙو جو اضافو

 

اسلام آباد (واپار ڊيسڪ) هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ گاڏين جي آمدني واپار ۾ 3.25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. پاڪستان جي انگ اکرن واري اداري (پي بي ايس) طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب گذريل سال آڪٽوبر ۾ 7 ڪروڙ 40 لک 30 هزار ڊالر ماليت جي گاڏين جو آمدني واپار ڪيو ويو هو جڏهن ته هلندڙ سال جي ساڳي عرصي ۾ 7 ڪروڙ 64 لک 30 هزار ڊالر ماليت جي گاڏين جو آمدني واپار ڪيو ويو آهي.