cu boulder creative writing minor do my homework cartoon picture get paid for doing homework online quotes to inspire creative writing clock homework help thesis writing services in lucknow steps research proposal writing ppt creative writing 3rd grade essay ways to help the less fortunate pay to do my essay for me synonyms creative writing creative writing prompts first lines

هزارا مسئلي جون پاڙون افغانستان ۾ آهن:ليکڪ نصير ميمڻ

بلوچستان جي شهر مڇ ۾ هزارا برادريءَ جي 11 پورهيتن کي بي درديءَ سان قتل ڪرڻ واري واقعي ملڪي سياست ۾ وڏي ڌونڌاڙ کي جنم ڏنو. ڪوئيٽا سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 2013ع وارا منظر ٻيهر نظر آيا، جڏهن ڪوئيٽا ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ هزارا وارن جا لاش رکي احتجاج ڪيو ويو هو.هزارا برادريءَ کي نشانو بڻائڻ وارا واقعا هاڻي ايڪڙ ٻيڪڙ ناهن رهيا. هڪ منظر نموني سان کين قتل ڪرڻ جا واقعا بلوچستان ۾ هڪ ٻئي پٺيان ٿيندا رهيا آهن. هونئن ته هزارا قبيلي جي پٺاڻن سان ٽڪراءُ جي تاريخ اڻويهين صدي شاهه عبدالرحمان جي دور کان شروع ٿئي ٿي. 1880ع کان 1901ع جي وچ ۾ عبدالرحمان خان جي دور ۾ هزارا جات جي علائقي ۾ اڌ کان وڌيڪ آبادي بغاوت جي ڏوهه ۾ قتل ڪئي وئي ۽ هزارين هزارا ايران ۽ برطانوي هندستان ڀٺڄي نڪتا. ان دور ۾ هزارن تڏهوڪي برطانوي بلوچستان ڏانهن به لڏپلاڻ ڪئي.

البته پاڪستان ۾ هزارا برادريءَ خلاف رتوڇاڻ جي تازي لهر جي تاريخ 90ع واري ڏهاڪي ۾ افغانستان جي علائقي مزار شريف کان شروع ٿي، ڪوئيٽا آندي وئي. ان پسمنظر کي سمجھڻ لاءِ نامور صحافي احمد رشيد جو ڪتاب “طالبان-اسلام آباد اينڊ نيو گريٽ گيم ان سينٽرل ايشيا” جا اهم حصا اوهان لاءِ پيش ڪجن ٿا. سيپٽمبر 1996ع تائين طالبان ڪابل تي قبضو ڪري چڪا هئا ۽ اڳوڻي صدر ڊاڪٽر نجيب کي قتل ڪري چڪا هئا. جنوري 1997ع تائين ملڪ جي 22 صوبن تي سندن قبضو ٿي چڪو هو ۽ عملي طور افغانستان سندن والار هيٺ هو. افغانستان جي اترين علائقن ۾ طالبان مخالف اتحاد جو هڪ مضبوط مرڪز مزار شريف اڃا تائين جنرل رشيد دوستم جي ڪنٽرول هيٺ هو. طالبان جي ڏاکڻي افغانستان تي قبضي سبب مزار شريف ۽ ٻين اترين علائقن ڏانهن رسد جي رستي روڪ ٿي چڪي هئي. افغانستان جي گھڻائي آبادي ته ڏاکڻين علائقن ۾ طالبان جي علائقن ۾ هئي پر ملڪ جي زرعي پيداوار جو 60 سيڪڙو ۽ صنعت معدنيات ۽ گئس جي ذخيرن جون 80 سيڪڙو اترين علائقن ۾ هو، جنهن ڪري طالبان لاءِ انهن علائقن جو ڪنٽرول تمام اهم هو. اترين علائقن جا ڇهه صوبا رشيد دوستم جي انتظام هيٺ هئا. دوستم، طالبان جي ابتڙ لبرل سوچ وارو اڳواڻ هو. کيس ايران، ازبڪستان ۽ سوويت يونين جي واهر به حاصل هئي. هن بلخ ايئرلائين شروع ڪرائي ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان زميني واپار وسيلي پنهنجي علائقي لاءِ ناڻو ڪمائڻ جا وسيلا پيدا ڪيا. سندس علائقي ۾ هڪ متحرڪ انتظامي ڍانچو به موجود هو. ان علائقي ۾ صحت ۽ تعليم جو نظام فعال هو ۽ ملڪ جي واحد فعال بلخ يونيورسٽيءَ ۾ ان وقت 1800 ڇوڪريون تعليم حاصل ڪري رهيون هيون. ڪابل ۾ حالتون خراب ٿيڻ سبب هزارين ماڻهو اتان ڀڄي مزار شريف ۾ اچي رهيا هئا، ڪجھه عقيدتمندن جو ويساهه آهي ته حضرت علي رضه نيري گنبذ واري مزار ۾ اتي دفن ٿيل آهي، جنهن ڪري اتي زيارتين جون وڏو انگ ايندو رهندو هو. اهو سمورو علائقو ازبڪ اڳواڻ رشيد دوستم جي ڪنٽرول هيٺ نهايت پرامن علائقو هو ۽ اتي ڪا به راڪيٽ بازي نه ٿي هئي. دوستم ۽ سندس نائب، جنرل ملڪ پهلوان وچ ۾ شديد تڪرار هلندڙ هو. دوستم تي الزام هو ته هن ملڪ پهلوان جي ڀاءُ جنرل رسول پهلوان کي مارايو آهي. ملڪ پهلوان کي اهو به خدشو هو ته دوستم کيس به مارائڻ گھري ٿو. موقعي جو فائدو وٺندي ملڪ پهلوان طالبان سان رابطو ڪري کين دوستم کي هٽائڻ لاءِ پنهنجي مدد آڇي. سندس چرچ تي طالبان اترين علائقن ڏانهن چڙهائي ڪئي ۽ سندس واهر سان اترين صوبن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. رشيد دوستم پهرين ازبڪستان ۽ پوءِ ترڪي فرار ٿي ويو. طالبان، ازبڪ ۽ هزارا فوجين کي بي هٿيار ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو. 28 مئي 1997ع تي ڪجھه هزارا فوجين هٿيارڦٽا ڪرڻ جي مزاحمت ڪئي، جنهن تان ٽڪراءُ ٿي پيو. مزار شريف جا هزارا ۽ پوءِ ٻي آبادي طالبان خلاف اٿي بيٺي. طالبان کي علائقي جي ايتري ڄاڻ نه هئي ۽ سڄي افغانستان ۾ دهشت جي علامت بڻيل طالبان کي هي ٽڪراءُ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. هزارا ويڙهاڪن گھرن جي ڇتين تان کين چُٽي ماريو. 15 ڪلاڪن جي ويڙهاند ۾ 600 طالبان مارجي ويا ۽ هزار کان وڌيڪ هوائي اڏي تان ڀڄڻ جي ڪوشش دوران پڪڙيا ويا. طالبان جا 10 اهم اڳواڻ يا ته هزارن هٿان مارجي ويا يا پڪڙجي ويا. مارجي ويلن ۾ درجنين پاڪستاني طالب به شامل هئا. آسپاس جي صوبن تي به ملڪ پهلوان پاڻ قبضو ڪري ورتو جيڪو طالبان کي گھرائڻ کان پوءِ سندن پاران کي اهم عهدو نه ڏيڻ تي سندن مخالف بڻجي چڪو هو. فرار جا رستا بند ٿيڻ کان پوءِ سوين پاڪستاني طالبان سميت هزارين طالبان پڪڙجي پيا، جن کي ماري اجتماعي قبرن ۾ پوريو ويو. هزارن موقعي جو فائدو وٺندي پنهنجي علائقي هزارا جات جي چوڌاري طالبان جو 9 مهينن کان ڪيل گھيرو به ختم ڪرائي ڇڏيو. باميان ڏانهن طالبان جي اڳڀرائي کي به پٺتي ڌڪيو ويو. لڳاتار سوڀن کان پوءِ اها شڪست طالبان لاءِ ڪاپاري ڌڪ هئي.سيپٽمبر ۾ طالبان ٻيهر مزار شريف ڏانهن اڳڀرائي ڪئي. ان وچ ۾ رشيد دوستم واپس اچي چڪو هو. طالبان واپس هٽندي فاضل احمد ۾ 70 هزارن کي قتل ڪيو. ان ننڍي ڳوٺ ۾ طالبان نه رڳو هزارن کي نشانو بڻايو پر ڪيترن ئي جا ڳلا به ڪٽيا. هوڏانهن دوستم جي غيرموجودگيءَ ۾ طالبان کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ مزار شريف تي عملي طور هزارا ويڙهاڪن جو قبضو ٿي چڪو هو. ملڪ پهلوان به طالبان کان رستا ڌار ڪرڻ کان پوءِ سندن قتل عام ڪرايو ۽ ڀيانڪ نموني کين مارايو. ازبڪن ۽ هزارن گڏجي سوين طالبان قيدين پشتون ڳوٺاڻن کي قتل ڪيو. هزارن ڪيترن ئي پشتونن کي علائقن مان بيدخل ڪيو. ساڍا ست لک پشتون انهن علائقن مان لڏڻ تي مجبور ٿيا.هزارا جات جي علائقي ۾ سخت ٿڌ وارن مهينن ۾ جڏهن رسد جي کوٽ شدت اختيار ڪئي ته هزارن، طالبان جي قافلن تي راتاها هڻي ڪڻڪ ڦرڻ شروع ڪري ڏني. طالبان کين جھڪائڻ لاءِ هزارا جات جي علائقي ڏانهن رسد جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا هئا. باميان ۾ ٽي لک ۽ آسپاس جي ضلعن ۾ ست لک هزارا بک ۽ بدحاليءَ جو کاڄ بڻجي رهيا هئا. اقوام متحده جي اداري ورلڊ فوڊ پروگرام طالبان کي منٿون ميڙون ڪيون پر هنن هزارا علائقن ۾ کاڌ خوراڪ پهچائڻ جي اجازت نه ڏني.گڏيل قومن کي اها به شڪايت هئي ته ان وچ ۾ پاڪستان پاران طالبان کي ڇهه لک ٽن ڪڻڪ فراهم ڪئي وئي پر مٿن باميان ڏانهن رسد کولڻ جو ڪو به شرط لاڳو نه ڪيو.

ان وچ ۾ طالبان جو ڪابل تي قبضو مستحڪم ٿيندو ويو. جتان هنن گڏيل قومن جي اداري ۽ امدادي ادارن کي نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي. طالبان، پاڪستان ۽ سعودي عرب کي اترين علائقن تي چڙهائي ۽ واهر لاءِ راضي ڪري ورتو. سعودي انٽيليجنس چيف پرنس ترڪي الفيصل جون جي وچ ڌاري قنڌار جو دورو ڪيو ۽ طالبان کي پڪ اپ ٽرڪون ۽ مالي واهر فراهم ڪئي. پاڪستان جي انٽيليجنس اداري 2 ارب رپين جي بجيٽ طالبان جي واهر لاءِ تيار ڪئي. ان جا آفيسر طالبان کي حملي جي تياريءَ ۾ واهر ۽ پاڪستاني پناهگير ڪئمپن ۽ مدرسن مان نيون ڀرتيون ڪرڻ لاءِ قنڌار ايندا ويندا رهيا. هوڏانهن ايران، روس ۽ ازبڪستان پاران هزارن کي هٿيارن جي فراهمي جاري هئي.

جولاءِ ۾ طالبان پلاند وٺڻ لاءِ اترين علائقن ڏانهن اڳڀرائي شروع ڪئي. هنن جولاءِ 1998ع ۾ مٿائيمانا جي علائقي تي قبضو ڪري دوستم جي فوج کي ڌڪي 100 کان وڌيڪ ٽئنڪن ۽ گاڏين تي قبضو ڪري 800 ازبڪ سپاهي پڪڙي ورتا، جن مان اڌ کان وڌيڪ کي قتل ڪيو ويو. دوستم جي هيڊڪوارٽر شبرغان تي قبضي کان پوءِ هو تاجڪستان رستي ترڪي فرار ٿي ويو. ازبڪ ڪمانڊر مزار شريف ڏانهن ويندڙ روڊ جي حفاظت تان طالبان کان رشوت وٺي هٽي ويا. شهر جي ٻاهران پهرو ڏيندڙ 1500 هزارا سپاهين کي اوچتو خبر پئي، جڏهن طالبان مٿن ڪڙڪي پيا. 8 آگسٽ 1998ع تي طالبان، هزارا سپاهين کي گھيري ۾ آڻي ورتو ۽ ستت ئي سندن بارود کُٽي ويو. طالبان سواءِ سئو کن سپاهين جي باقي سمورن کي ماري ڇڏيو. ان کان پوءِ طالبان گذريل سال جو پلاند وٺندي ڀيانڪ قتل عام شروع ڪيو. هڪ طالبان ڪمانڊر موجب ملاعمر کين ٻن ڪلاڪن تائين قتل عام جي اجازت ڏني هئي. جيڪو هنن ٻن ڏينهن تائين جاري رکيو. هنن گھٽي گھٽي ۾ وڃي هر ساهه واري تي گوليون وسايون، گاڏن وارا، دڪاندار، عورتون ۽ ٻار ٻچا بنا فرق جي ماريائون. گھٽيون لاشن سان سٿجي ويون. ڇهن ڏينهن تائين لاش پورڻ جي اجازت نه هئي. ڪتا گھٽين ۾ لاشن جو ماس پٽيندا رهيا ۽ بدبوءِ سبب ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي ويو. طالبان کي جيڪو به هزارا ماڻهو نطر آيو تن کي ماريندا ويا. هر ماڻهوءَ کي ٽي گوليون هڻندا رهيا، هڪ مٿي ۾ هڪ سيني ۾ ۽ هڪ ٻنهي چنگھن جي وچ ۾. عورتن کي مارڻ کان اڳ سندن لڄالٽ ڪئي وئي. ڪيترن ئي جا ڳلا به ڪٽيائون. هزارا ماڻهن کي گھلي مزار شريف جي جيل ۾ آڻي ڪنٽينرن ۾ واڙي بند ڪري ڇڏيائون، جيڪي انهن اندر ساهه ٻوساٽجڻ سبب مري ويا. ڪيترن ئي ڪنٽينرن کي مزار شريف کان ٻاهر دشت ليليٰ جي بيابان ۾ آڻي قتل ڪيو ويو. جن ماڻهن شهر مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن کي جهازن وسيلي بم هڻي ماريو ويو.

مزار شريف تي قبضي کان پوءِ ملا نيازي کي گورنر مقرر ڪيو ويو. ملا نيازي، ڊاڪٽر نجيب کي به قتل ڪيو هو. طالبان مسجدن مان اعلان ڪرايا ته هزارا شيعن وٽ ٽي رستا آهن. اهي يا ته سني ٿي وڃن يا ايران هليا وڃن يا موت قبولين. سندن مسجدن ۾ اچڻ تي پابندي به وڌي وئي. مسجدن مان اهي اعلان به ڪيا ويا ته هزارا مسلمان ناهن، کين مارڻ گھرجي. گڏيل قومن جي ذريعن موجب ان ڪارروائيءَ ۾ پنج کان ڇهه هزار جي لڳ ڀڳ هزارا ماريا ويا.

طالبان جي هڪ گروپ جنهن ۾ پاڪستاني سپاهه صحابه جا هٿياربند به شامل هئا، انهن مزار ۾ ايراني قونصل خاني ۾ گھڙي ايران جي 11 سفارتڪارن، انٽيليجنس عملدارن ۽ صحافين کي قتل ڪري ڇڏيو. طالبان 400 کان مٿي هزارا عورتن کي ٻانهيون بڻائي رکيو.

1997ع  ۽ 1998ع ۾ طالبان ۽ هزارا پاران هڪ ٻئي جي ڪيل ان قتل عام کان پوءِ انهن ٻنهي گروهن ۾ جيڪا خونخوار نفرت جنم وٺي چڪي هئي، اها پاڪستان ڏانهن به منتقل ٿي. بلوچستان ۾ چار کان پنج لک هزارا رهن ٿا جن جو وڏو انگ ڪوئيٽا ۾ رهي ٿو. جيڪي گھڻي ڀاڱي پڙهيل لکيل ۽ محنتي ماڻهو آهن. 1998ع ۾ طالبان پاران مزار شريف ۾ هزارن جي ڪيل قتل عام کان پوءِ پاڪستان ۾ به هزارن کي نشانو بڻائڻ وارو عمل شروع ٿيو. 1999ع ۾ هزارا ايم پي اي سردار نثار علي تي حملو ڪيو ويو. نائين اليون کان پوءِ اهو سلسلو شديد ٿي ويو، جنهن کان پوءِ لشڪر جھنگوي، هزارن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو، جيڪو ملڪ اندر سندن شيعا مخالف پرتشدد مهم جو حصو هو. مختلف رپورٽن موجب هينئر تائين پاڪستان ۾ 2000 کان وڌيڪ هزارن کي آپگھاتي ۽ بم حملن ۾ قتل ڪيو ويو آهي.

ايئن پاڪستان خاص ڪري ڪوئيٽا اندر هزارن خلاف هلندڙ منظم رتوڇاڻ درحقيقت افغانستان مان پاڪستان ڏانهن منتقل ٿي، جنهن کي نه رڳو انتهاپسند فرقيوار گروهن اڳتي وڌايو پر هاڻي علائقي ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪندڙ پرڏيهي هٿ به ان عمل پٺيان سرگرم ٿي چڪا آهن. بلوچستان ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ پٺيان جتي تلخ تاريخي حقيقتون موجود آهن، اتي ان کي هٿي ڏيندڙ علائقائي قوتن به هاڻي ان موقعي جو ڀرپور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. بلوچستان هاڻي رڳو مقامي ٽڪراءَ جو مرڪز ناهي رهيو ۽ افغانستان، هندستان، چين، آمريڪا ۽ ايران جي مفادن جو ٽڪراءُ به رتوڇاڻ جي مختلف شڪلين کي اڳتي وڌائي رهيو آهي