هاڻ پوري سنڌ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون ، سنڌ خلاف سازشون برداشت نه ڪبيون : محمد علي شاهه

ڪراچي :  سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي والار خلاف بوٽ ريلي ابراهيم حيدري پهچي وئي آهي، ٻيٽ بچايو تحريڪ پاران 19 آڪٽوبر کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ صدارتي آرڊيننس خلاف ريلين جو اعلان ڪيو ويو آهي، فشر فوڪ فورم جي سربراهه محمد علي شاهه، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ ابراهيم حيدري کان سنڌ جي ٻيٽن تائين بوٽ ريلي ڪڍي وئي، نيوي جي اهلڪارن پاران ٻيٽن تي احتجاج يا جلسي کان روڪڻ بعد ريلي واپس ٿي ابراهيم حيدري پهچي وئي آهي، جتي جلسو ڪيو ويندو، فشر فوڪ فورم جي سربراهه محمد علي شاهه ميڊيا کي ٻڌايو ته 19 آڪٽوبر کانپوءِ پوري سنڌ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون، نيوي اهلڪارن ٻيٽن تي جلسو ڪرڻ نه ڏنو، هاڻ پوري سنڌ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون، محمد علي شاهه چيو ته ضلعن ۾ احتجاج کانپوءِ ابراهيم حيدرآباد کان گورنر هائوس تائين مارچ ڪنداسين، ٻيٽن تي نه رڳو وفاق پر سنڌ حڪومت کي به شهر اڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين.