هاڻ توهان جا اتحادي ناهيون : بي اين پي وزيراعظم جي دعوت ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:بلوچستان نيشنل پارٽي(بي اين پي مينگل) اڄ وزيراعظم عمران خان طرفان ڏنل ڊنر جي دعوت ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.گذريل ڏينهن بلوچستان نيشنل پارٽي(مينگل) جي اڳواڻ سردار اختر مينگل حڪومتي اتحاد کان ڌار ٿي ويو هو. تحريڪ انصاف طرفان پرچائڻ جي ڪوششن تي هن چيو ته حڪومت ۾  واپس وڃڻ هاڻ منهنجي وس ۾ ناهي. حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو آهي اهو ڪنهن هڪ ماڻهو جو فيصلو ناهي.ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان  اڄ اتحادي پارٽي جي اڳواڻن کي ڊنر تي گهرايو آهي. بي اين پي کي به ڊنر ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي پر انهن ان دعوت ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. بي اين پي جي اڳواڻ جهانزيب جمالديني چيو آهي ته وزيراعظم جي ڊنر واري دعوت اتحادين جي لاءِ آهي. اسان جي پارٽي هاڻ  حڪومت جي اتحادي ناهي رهي ان لاءِ ان جو وزيراعظم جي  ڊنر ۾ شرڪت جو ڪوبه جواز ناهي.

واضح رهي ته بي اين پي جي ڌار ٿيڻ کان اڳ تحريڪ انصاف جي حڪومت کي قومي اسيمبلي ۾ سمورن اتحادين جي مدد کان پوءِ 186 سيٽون حاصل هيون جيڪي هاڻ بي اين پي جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ 182 رهجي ويون آهن. جڏهن ته مرڪز ۾ حڪومت برقرار رکڻ جي لاءِ تحريڪ انصاف کي 172 ميمبرن جي اڪثريت حاصل آهي. جيڪا هن وقت به برقرار آهي.