اسلام آباد := چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ملڪ جي سمورن پوليس آفيسرز جون ڊگريون چيڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس جي صدارت هيٺ پوليس سڌارن بابت اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ جسٽس عمر عطا بنديال سميت چئني صوبن جا آءِ جيز شريڪ ٿيا، چيف جسٽس ملڪ جي سمورن آءِ جيز کي پوليس آفيسرز جون ڊگريون چيڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ملڪ اندر ڪوڙا ڪيس ۽ غير ضروري گرفتاريون نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي،چيف جسٽس گلزار احمد جو چوڻ آهي ته پوليس آفيسرز جي جاچ واري صلاحيت ۾ واڌ جي ضرورت آهي،تڪراري ڪيسز ۾ غير ضروري گرفتارين کان پاسو ڪيو وڃي،دهشتگردي ۽ عام ڪيسن ۾ فرق لاءِ عدالتي فيصلن کي نظر ۾ رکيو وڃي،جسٽس گلزار چيو ته ضروري ضروري دٻاءَ جي خاتمي لاءِ پوليس آفيسرز جي تبديلي جو اختيار آءِ جي وٽ هجڻ گهرجي،گاڏين جي خريداري تي پابندي سبب ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو،صرف لگزري گاڏين تي پابندي لڳائي وئي آهي،پوليس آفيسر لگزري گاڏين جو غير ضروري استعمال ڪن.چيف جسٽس سڌارن واري ڪميٽي تي گهرو سيڪريٽري ۽ صوبائي چيف سيڪريٽريز کان رپورٽ طلب ڪري ورتي