هائوسنگ سوسائٽيز ۾ انٽيليجنس بيورو (آءِ بي) جو ڪهڙو ڪم؟ هاءِڪورٽ

اسلام آباد:- اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته غير قانوني هائوسنگ سوسائٽيز ۾ ادارن جا نالا ڇو استعمال ٿي رهيا آهن؟هاءِ ڪورٽ اسلام آباد ۾ غير قانوني هائوسنگ سوسائٽيز جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد حمزه شفقات عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت اسلام آباد ۾ غير قانوني هائوسنگ سوسائٽيز جي خلاف سي ڊي اي جي رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو. هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته هي غير قانوني هائوسنگ سوسائٽيز قانون جي حڪمراني جي وڏي ناڪامي آهي، انهن سوسائٽيز ۾ سي ڊي اي سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، رجسٽرار ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۽ سي ڊي اي جي ڪري غريب ڦرجي رهيا آهن. عدالت ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي رجسٽرار کان پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي اٿارٽي جي تحت حڪومت جي ڊپارٽمنٽس جا نالا استعمال ٿي رهيا آهن، هائوسنگ سوسائٽيز ۾ گهرو وزارت ۽ انٽيليجنس بيورو (آءِ بي) جو ڪهڙو ڪم آهي، انهن جو نالو ڇو استعمال ٿي رهيو آهي، ڇا گهرو وزارت جي هائوسنگ سوسائٽي مفادن جو ٽڪراءُ ناهي، وفاقي راڄڌاني ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏوهه انهيءَ جي ڪري آهن. جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪهڙي اٿارٽي جي تحت نيوي هائوسنگ سوسائٽي جي لاءِ پنهنجو نالو استعمال ڪري رهيا آهن، ڇا نيوي جو نالو هائوسنگ سوسائٽي جي لاءِ  استعمال ٿيڻ مفادن جو ٽڪراءُ ناهي، ڇا ڊپارٽمنٽس ۽ ادارا ٻين جي لاءِ غلط مثال قائم ڪري رهيا آهن. پاڪستان نيوي جي وڪيل چيو ته اهڙي طرح ته 500 هائوسنگ سوسائٽيون ڪم ڪري رهيون آهن، سپريم ڪورٽ جي هائوسنگ سوسائٽي به هلي رهي آهي. عدالت پاڪستان نيوي جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ان هاءِ ڪورٽ جي به هجي تڏهن به رول آف لا جي حڪمراني هوندي، ڪو ٻيو قتل ڪري ته ڇا توهان به قتل ڪندا. بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.