نيب پشاور مولانا فضل الرحمان خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

اسلام آباد : اي پي سي کانپوءِ اپوزيشن جي هڪ ٻي اهم جماعت جو ليڊر نيب جي ريڊار تي اچي ويو. نيب پشاور جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب پشاور، مولانا فضل الرحمان کي جاچ لاءِ طلبي نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي