نيب طرفان حليم عادل شيخ خلاف ملير ۾ زمينن تي قبضن جي جاچ شروع

ڪراچي :- اينٽي ڪرپشن کانپوءِ نيب به پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جو گهيرو تنگ ڪندي سندس خلاف ملير ۾ سرڪاري زمينن تي قبضن ۽ وڪري واري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. حليم عادل شيخ طرفان ملير ۾257 ايڪڙ سرڪاري زمين تي قبضي ۽ وڪري واري انڪشاف بعد نيب، ڊپٽي ڪمشنر ملير کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. نيب موجب ڊي سي ملير کي لاڳاپيل زمين بابت ڪاغذ 27 جولاءِ تائين جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نيب ڊي سي ملير کي هدايت لئي ته سموري زمين جي ايراضي  بابت به آگاهه ڪيو وڃي. نيب موجب حليم عادل شيخ تي سرڪاري زمين قبضو ڪري وڪرو جو الزام آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حليم عادل شيخ تي مبينا مني لانڊرنگ جو به الزام آهي، جنهن پڻ جاچ ڪئي پئي وڃي. ان کان اڳ گذريل سال اينٽي ڪرپشن جاچ ڪري حليم عادل شيخ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي چيف سيڪريٽري کان اجازت گهري هئي. اينٽي ڪرپشن اوڀر جي ٽيم پنهنجي رپورٽ ۾ حليم عادل شيخ کي زمينن تي قبضن ۽ وڪري ۾  ملوث قرار ڏنو هو