نوڪري صرف سمهڻ: پگهار تيرنهن سئو پنجاهه برطانوي پائونڊ

لنڊن:- برطانيه ۾ هڪ ڪمپني طرفان شهرين کي آفر ڏني وئي آهي ته اسان کي اهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي جيڪي ڪيترن ئي ڏينهن تائين سمهي سگهن. نوڪري حاصل ڪندڙ شخص کي 1359 برطانوي پائونڊز(2 لک 90 هزار روپيه پاڪستاني) ڏنا ويندا. تفصيل موجب ڪيترن ئي ماڻهن کي ننڊ تمام گهڻي پياري هوندي آهي ۽ انهن جي خواهش هوندي آهي ته اسان کي ڪير به نه جاڳائي ۽ اسان هميشه سمهندا ئي رهون. اهڙن ماڻهن جي لاءِ سنهري موقعو آهي ته هو سمهي به سٺا پئسا ڪمائي سگهن ٿا. برطانوي خبرون ڏيندڙ ڊيلي اسٽار موجب برطانيه ۾ فرنيچر ۽ ٻيون گهريلو شيون ٺاهيندڙ هڪ ڪمپني کي اهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي جيڪي ڪيترن ئي ڏينهن تائين سمهي سگهن. جيڪو شخس  ان نوڪري جي لاءِ ايندو ان کي 1350 پائونڊ(تقريبن 2 لک 80 هزار روپيه) معاوضو ڏنو ويندو. هن ڪمپني جا ماهر ماڻهن جي سمهڻ جي مختلف اندازن تي تجربا ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن پنهنجي مصنوعات کي اهڙي نسبت سان بهتر بنائي سگهن. هن تحقيق دوران ماهر اهو به ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا ته روشني ۽ آواز ننڊ کي ڪهڙي طرح متاثر ڪري ٿي. جيڪي ماڻهو هن نوڪري جي لاءِ درخواستون ڏيندا انهن مان ڪجهه ماڻهن جي چونڊ ڪئي ويندي. نوڪري جي لاءِ گذريل ڏينهن کان درخواستن جي وصولي شروع ٿي چڪي آهي. خواهشمند ماڻهو (هليريز) جي ويب سائٽ تي درخواست ڏئي سگهن ٿا جتي سموري ڄاڻ  مهيا ڪئي وئي آهي.