نوجوان به پاڻ کي وائرس کان“بلڪل محفوظ” نه سمجهن;ڊبليو ايڇ او

جنيوا :- صحت جي عالمي اداري سڄي دنيا جي نوجوانن کي خبردار ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس جي نئين قسم سان انهن کي به خطرو آهي ۽ اهي پاڻ کي قطعي طور ان وائرس کان ”بلڪل محفوظ“ نه سمجهن. ڊبليو ايڇ او جي سربراهه موجب اهو وائرس نوجوانن کي هفتن لاءِ اسپتال موڪلي سگهي ٿو ۽ انهن جي موت جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.سندس چوڻ هو جيڪڏهن ڪورونا وائرس نوجوانن جي موت جو سبب نه به بڻيو ته انهن جي چُرپر ۽ ٻيا فيصلا ماڻهن تي اثرانداز ٿيندا.هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڪورونا وائرس جو نئون قسم پيرسن ماڻهن يا اڳ کان ساهه جي تڪليف ۽ ڦڦڙن جي مرضن ۾ ورتل ماڻهن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي رهيو آهي.