نواز شريف جي لنڊن ۾ چانهه پيئندي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل

اسلام آباد :- اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي لنڊن  ۾ چانهن پيئندي وڌيڪ تصوير وائرل ٿي وئي آهي. علاج لاءِ عدالت مان ضمانت تي پرڏيهه ويل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي هڪ وڌيڪ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. تصوير ۾ نواز شريف روڊ ڪناري هڪ هوٽل ۾ پنهنجي گهر ڀاتين سميت چانهه يا وري ڪافي پي رهيو آهي. نواز شريف جي تصوير وائرل ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان جي ترجمان شهباز گل به ٽويٽر تي سندس تصوير سان هڪ پوسٽ رکي   مٿس سخت تنقيد ڪئي. فواد چوڌري ٽويٽر تي بيان جاري ڪندي چيو ته نواز شريف ملڪي نظام تي ٽوڪ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته تصويرون ٻڌائين ٿيون ته آخر عوام احتساب جي نظام تي ڪيترو اعتماد ڪري سگهي ٿو. ٻئي طرف مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم نواز مخالفن کي جواب ڏيندي چيو ته تصوير جو مقصد مشهوري نه پر تذليل هو جيڪو هر ڀيري ابتو ٿي ويو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو زبردستي آءِ سي يو ۾ گهڙي سندس بيهوش امڙ جي تصوير ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ ميان صاحب جي گهر جي عورتن، ٻارڙن سميت لڪي تصوير ٺاهڻ ڪهڙو مشڪل ڪم آهي؟مريم نواز چيو ته ايترو نيڪ ڪم هو ته بزدلن وانگر لڪي ڇو ڪيو ويو آهي؟