نواز شريف جو مسئلو ڪنهن فرد سان نه پر ادارن سان آهي:وفاقي وزير علي زيدي ۽ اسد عمر گڏجي پريس ڪانفرنس

ڪراچي :- وفاقي وزير علي زيدي ۽ اسد عمر گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته نواز شريف جو مسئلو ڪنهن فرد سان نه پر ادارن سان آهي، نواز شريف صاحب! توهان سزا يافتا ڏوهاري آهيو، ادارن کان سوال پڇڻ وارا توهان ڪير ٿيندا آهيو. وفاقي وزير اسد عمر ۽ علي زيدي پي ڊي ايم جي تحريڪ کي ڪرپشن بچايو مهم قرار ڏئي ڇڏيو، وفاقي وزيرن چيو آهي ته نواز شريف جو ڀاءُ ۽ سندس پارٽي جا ماڻهو اين آر او گهري رهيا هئا، نواز شريف ٻڌائي ته پنهنجا ايلچي ادارن ڏانهن ڇو اُماڻيندو هو، نواز شريف کي هر پاسي ناڪامي ملڻ بعد جمهوريت نظر اچي وئي، اپوزيشن وارا سياست ڀلي ڪن، پر خدا جي واسطي ادارن کي سياست ۾ نه گهليو وڃي، نواز شريف جي تقرير جمهوريت ۽ سول بالادستي لاءِ نه پر پنهنجي ڪرپشن بچائڻ لاءِ هئي، ميان صاحب جو اصل اعتراض ادارن تي آهي، جيڪي سندس تابعداري نه ڪندا هئا، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران اسد عمر ۽ علي زيدي چيو ته متحده لنڊن جي باني جيڪا ڪراچي سان حالت ڪئي، آصف زرداري سموري سنڌ سان اها حالت ڪئي آهي