نوازشريف ٿورِي به قانون جِي پاسدارِي ڪري ٿو ته عدالتي فيصلو قبول ڪري: شبلي فراز

اسلام آباد : وفاقي سرڪار جي ترجمان شبلي فراز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نوازشريف بابت فيصلو اچي ويو، هُو ٿورِي به قانون جِي پاسدارِي ڪري ٿو ته عدالتي فيصلو قبول ڪري. شبلي فراز چيو ته ڪيترائي قيدي نوازشريف کان وڌيڪ خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا آهن، اڳوڻي وزيراعظم جا عمل جيل وارا آهن پر هو جيل ۾ نه ٿو رهي سگهي. هن چيو ته هاڻي حمزه شريف به جيل مان اسپتال منتقل ٿيڻ چاهي ٿو، نون ليگ اڳواڻن چيو آهي ته نوازشريف صحتياب ٿيڻ بعد ڏيهه واپس ايندو ۽ عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏيندو.