نفرت انگيز مواد جي تدارڪ ۽ اي ڪامرس جي فروغ لاءِ فيس بڪ جو تعاون چاهيون ٿا :چوڌري فواد حسين

 

اسلام آباد : (بيورو رپورٽ) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نفرت انگيز مواد جي تدارڪ ۽ اي ڪامرس جي فروغ لاءِ فيس بڪ کان تعاون چاهيون ٿا، نفرت ۽ تشدد پکڙيندڙ مواد جي روڪٿام جي حوالي سان اسان جا ساڳيا خيال آهن، اسان اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکون ٿا، اسان جي لاءِ صرف ناموس رسالت صه جي منافي ۽ نفرت پکڙيندڙ مواد ڳڻتي جوڳو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سومر ڏينهن هتي فيس بڪ پبلڪ پاليسي جي نائب صدر صائمن ملنر سان ملاقات ۾ ڪيو، ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نفرت انگيز مواد جي تدارڪ ۽ اي ڪامرس جي فروغ لاءِ فيس بڪ کان تعاون چاهيون ٿا، نفرت ۽ تشدد پکڙيندڙ مواد جي روڪٿام جي حوالي سان اسان جا ساڳيا خيال آهن، هن چيو ته اسان اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکون ٿا، اسان جي لاءِ صرف ناموس رسالت صه جي منافي ۽ نفرت پکڙيندڙ مواد ڳڻتي جوڳو آهي ۽ نفرت انگيز مواد پکڙيندڙ ذريعن جي نشاندهي لاءِ تعاون جا خواهشمند آهيون، اطلاعات واري وزير پاڪستان ۾ فيس بڪ جي آپريشنل يونٽ جي قيام جي تجويز ڏني، صائمن ملنر پاڪستان ۾ رابطي، حصيداري ۽ ترقي ۾ ننڍي ڪاروبارن ۽ ڊولپرز سميت ڪميونٽي جي مدد لاءِ فيس بڪ جي عزم کي ورجايو، هن کان پهرين هلندڙ سال فيس بڪ سڄي دنيا ۾ 20 هزار عورت انٽرپرينيوئرز کي تربيت ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، جنهن مان 150 عورتون امپاور مينٽ سيڪٽر پاڪستان ۾ آهن ۽ فيس بڪ يونيورسل سروس فنڊ ڪمپني جي تعاون سان اهو منصوبو مڪمل ڪري رهيو آهي ۽ ان جي لاءِ ڊولپرز سرڪلز اسلام آباد، لاهور، ساهيوال، گجرات ۽ فيصل آباد ۾ 7800 اڀرندڙ ڪميونٽي جي ماڻهن کي ڊولپر ڪميونٽي ۾ تبديل ڪيو آهي، ملاقات دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي سيڪريٽري شفقت جليل، انفارميشن ٽيڪنالاجي جو سيڪريٽري، چيئرمين پي ٽي اي، پي آءِ او، اطلاعات ۽ نشريات جي وزارت جا سينئر عملدار ۽ آءِ ايس پي آر جا نمائندا به موجود هئا.