نثار صديقي: هڪ عظيم انسان جو وڇوڙو : ليکڪ منصور احمد نظاماڻي

                       دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو پيدا ٿيا ۽ اهي هي جهان ڇڏي وڃي هُن جهان پهتا آهن.جيڪي ڳاڻيٽي کان به گهڻا ٿين ٿا. دنيا جي تاريخ جا ڪتاب اٿلائي پٿلائي انهن جي ورڪن کي پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته دنيا جو دستور به نرالو آهي. دنيا فقط انهن ماڻهن کي ئي ياد ڪري ٿي، جيڪي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندي فوت ٿي وڃن ٿا. در اصل اهي فوت نه پر اهي هن دنيا ۾ پنهنجي ڪيل پورهئي جي ڪري دنيا ۾ امر ٿي وڃن ٿا ۽ ماڻهو انهن کي صدين تائين ياد ڪندا آهن ۽ دنيا جي انهن املهه ماڻهن مان پروفيسر  نثار احمد صديقي به هڪ هو. جنهن کي پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر  هڪ ماهر تعليمدان ۽ بيورو ڪريٽ طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.جنهن پنهنجي سڄي حياتي پنهنجي ملڪ جي لاءِ جفاڪشي،  محنت ۽ خدمت ڪندي گذاري ڇڏي. سندس جنم خيرپور ضلعي جي هڪ ننڍي شهر پريالوءَ ۾ ٿيو. هن جي تعليمي ڪيريئر  تي هڪ نگاهه وجهون ته پاڻ مادري علمي سنڌ يونيورسٽي مان  ايم اي اڪنامڪس سال 1971-72ع مان ڪئي. ان ساڳي يونيورسٽي مان تعليم واري شعبي مان  ايم ايڊ ڪيائين ۽ هن کي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو. وري به سنڌ يونيورسٽي مان سال 1976-77ع ۾ ايل ايل بي ڊگري حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ اعلا تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هن سال 1987- 89ع ۾ آمريڪا جي بوسٽن يونيورسٽي مان ايم بي اي حاصل ڪيائين. ۽ واپس اچي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪيائين.پروفيسر نثار احمد صديقي سنڌ جي مختلف سرڪاري ادارن ۽ کاتن ۾ ڪم ڪيو. جنهن ۾ سال 1972 کان 1974 تائين ڪاليج ايجوڪيشن ۾ ليڪچرر طور مقرر ٿي هڪ بهترين استاد جيان خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ سول سرونٽ طور  30 سال هڪ وڏي ۽ ڊگهي عرصي تائين سنڌ حڪومت جي مختلف عهدن تي رهيو،جنهن ۾  ڊپٽي ڪمشنر، ڪمشنر ۽ سيڪريٽري رهي سنڌ جي خدمت  ڪيائين. آگسٽ 1989ع کان اپريل 1991ع تائين ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد تعينات رهيو.فيبروري 1993ع کان مارچ 1996ع تائين ڪمشنر سکر تعينات رهيو. اپريل 1996ع کان فيبروري 1997ع تائين ڪمشنر حيرآباد رهيو. اپريل 1979ع کان 1998ع تائين ايم ڊي سائيٽ ڪراچي تعينات رهيو. آڪٽوبر 1998ع کان سيپٽيمبر 1999ع تائين ميمبر بورڊ آف روينيو رهيو. آڪٽوبر 2001ع کان مارچ 2002 تائين هوم سيڪريٽري سنڌ جي عهدي تي تعينات رهيو. ان کانسواءِ هو سال  2002ع کان 2003ع تائين سيڪريٽري طور سنڌ جي مائنس ۽ منرل کاتي ۾ تعينات رهيو. جئين  ته پوري سنڌ ۾ ڏوهاري ماڻهن مان ڀري پئي آهي، اهي ماڻهو سرعام ڪنهن کي مارڻ هنن جي لاءِ  کاٻي هٿ جو ڪمال آهي پر  نثار احمد صديقي  ڀُنگ لاءِ اغوا ۽ ٻين خطرناڪ ڏوهن جي روڪ ٿام ۽ خاتمي لاءِ هڪ وڏو ڪردار ادا ڪيو،جنهن تي هن کي  سنڌ حڪومت طرفان ٻه ڀيرا گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو.

هڪ ماهر تعليمدان طور هن 1994ع ۾ پبلڪ اسڪول سکر ۾ ٻن ڪرائي وارن ڪمرن تي ٻڌل آئي بي اي جو بنياد وڌو. اهو ڏھه سالن تائين پبلڪ اسڪول سکر ۾ ئي رهيو. هو بيوروڪريسي ۾ رهندي به اداري ۾ ليڪچر ڏيندو رهيو ۽  پنهنجي ڏاهپ ۽ حڪمت عملي کي استعمال ڪندي سياسي ماڻهن مان ادراي کي سٺي لاڀ ڏنائين. جيڪو اڳيان هلي پاڪستان ۾ هڪ سٺن  بزنس ادارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. نثار احمد صديقي 2004ع ۾ جڏهن رٽائرڊ ٿيو ته پاڻ سکر آئي بي اي جو تاحيات وائيس چانسلر ٿي رهيو. پاڻ ڏينهن رات هن اداري لاءِ خدمت ڪيائين. اڄ هي ادارو پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر معياري تعليم خاطر پنهنجي هڪ الڳ پهچان رکي ٿو.جي اسان هن کي سنڌ جي معياري  تعليمي ادارن جي دل چئون ته به ڪو وڌاءُ ڪون ٿيندو. اڄ هي ادارو وڌي هڪ وڻ ٿي چڪو آهي.جيڪو بزنس کانسواءِ مختلف فڪلٽين تي مشتمل آهي، جنهن ۾ فيڪلٽي آف ڪمپيوٽر سائنس، فيڪلٽي آف سافٽويئر انجينئرنگ، فيڪلٽي آف اليڪٽريڪل انجينئرنگ، فيڪلٽي آف ميٿيمٽڪس، فيڪلٽي آف فزيڪل ايجوڪيشن ۽ فيڪلٽي آف ايجوڪيشن اچي وڃن ٿيون.ان سان گڏ آئي بي اي سکر جا سنڌ جي  مختلف شهرن ۾ ڪميونٽي ڪاليج جوڙيا ويا آهن،جنهن ۾ آئي بي اي ڪميونٽي ڪاليج اوٻاڙو، خيرپور، دادو، جيڪب آباد، نوشهرو فيروز، پبلڪ اسڪول  سکر ۽ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻو اچي وڃن ٿا.جنهن ۾ غريب شگردياڻيون ۽  شاگرد  اسڪالرشپ  تي پنهنجي تعليم مڪمل ڪري رهيا آهن.ان کانسواءِ آئي بي اي سکر جي ٽيسٽنگ سروس به پوري سنڌ ۾ مشهور آهي. جيڪا وقتن به وقتن مختلف سرڪاري نيم سرڪاري ۽ خانگي ادارن جون ٽيسٽون وٺندي رهي ٿي.پاڪستان ۾ آئي بي اي طرفان هڪ  بهترين ۽ معياري تعليم ڏيڻ تان ويجھڙائي ۾ وائس چانسلر پروفيسر نثار احمد صديقي کي حڪومت پاڪستان طرفان ستارا امتياز سان نوازيو ويو. نثار احمد صديقي دل ۽ ڦڦڙن جي عارضي سبب هڪ ڏينهن اڳ ڪراچي جي اسپتال ۾  دم ڌڻي حوالي ڪيو. جنهن کي هزارين آلين اکين سان  آئي بي اي سکر  جي احاطي ۾ مدفون ڪيو ويو. اسان کان هڪ عظيم ۽ تعليم جو پارکو هميشا هميشا لاءِ وڇڙي ويو آهي پر هن جون اهي سڀ لازوال سنڌ جي تعليم  ۽ سنڌ جي مختلف سرڪاري ادارن ۾  ڪيل خدمتون جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ وساري نٿو سگهجي، اهڙا ماڻهو  يقينن مٽي جي پيٽ ۾ وڃڻ کان پوءِ به صدين تائين ماڻهن جي دلين ۾ زندهه رهن ٿا.