ناليوارو ڀارتي اداڪار جڳديپ 81 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

 ڀارت جو ناليوارو اداڪار جڳديپ 81 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ميڊيا رپورٽ موجب جڳديپ جو اصل نالو سيد اشتياق جعفري هو، جيڪو انڊين اداڪار جاويد جعفري ۽ نويد جعفري جو والد هو، ڀارتي اداڪار 400 کان وڌيڪ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، هن شعلا فلم مان شهرت ماڻي، جڏهن ته ليلي مجنون سميت ٻين ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيائين.