نالائق وزير اعظم عمران خان جي ريڪ ليس پاليسي سبب اٽو، دوائون، بجلي، گيس چوري جي سزا عوام ڀوڳي رهيو آهي:مريم اورنگزيب

لاهور :- مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نالائق،  وزير اعظم عمران خان جي ريڪ ليس پاليسي سبب اٽو، دوائون، بجلي، گيس چوري جي سزا عوام ڀوڳي رهيو آهي، سليڪٽڊ جي ڪورونا پٺيان لڪڻ سان پي ڊي ايم جو جلسو نه رڪجي سگهندو. ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب  پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ملڪ ۽ قوم جي تباهي وزير اعظم عمران خان جي مجرماڻي لاپرواهي ۽ غير ذميواراڻي پاليسي جو نتيجو آهي ڪورونا پٺيان لڪڻ سان پي ڊي ايم جو جسلو نه رڪجي سگهندو ۽ پنهنجي مقرر ڏينهه، وقت ۽ هنڌ تي سمورين ايس او پيز تحت ٿي رهندو. وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي هن چيو ته عمران خان توهان جي ريڪ ليس پاليسي جي نتيجي سبب اٽو، دوائون، بجلي، گيس چوري جي سزا عوام ڀوڳي. رهيو آهي. عمران خان توهان جي ريڪ ليس پاليسي پشاور ۾ 126 ارب رپين جا کڏا کوٽي ڇڏيا آهن. مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب ! عوام توهان جي ريڪ ليڪس سليڪٽڊ، نالائق، نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو، عمران صاحب توهان جي ريڪ ليڪس حڪومت جي ريڪ ليس پاليسين قوم کي ريسٽ ليس ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ توهان جي بي آرامي جو وقت به اچي ويو آهي