نادرا گمبٽ جي انتظاميا پاران افغاني پٺاڻن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري، سڄاڻ ڌرين ۾ تاءُ پکڙيل

گمبٽ :- نادرا گمبٽ جي انتظاميا جي بدنيتي سامهون اچي وئي، افغاني پٺاڻن کي سوڀوديري تعلقي جي ڳوٺ وڏا لاکا ۽ هنڱورجا جي ايڊريس تي شناختي ڪارڊ جاري ڪري ڇڏيا، سول سوسائٽي ۽ علائقي واسين جي سخت احتجاج باوجود ضلعي انتظاميا تحرڪ ۾ نه آئي.خبر موجب نادرا گمبٽ جي انتظاميا بااثرن جي چوڻ تي تعلقي گمبٽ ۽ تعلقي سوڀوديرو جي ڳوٺ وڏا لاکا، هنڱورجا سميت ٻين علائقن جي ايڊريس تي افغاني پٺاڻن کي شناختي ڪارڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي.افغاني پٺاڻن کي شناختي ڪارڊ جاري ٿيڻ خلاف گمبٽ جي سول سوسائٽي ۽ ڄاڻايل علائقن جي رهواسين جي سخت احتجاج باوجود ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سميت ضلعي انتظاميا ڪو تحرڪ ناهي وٺي سگهي.ان ڏس وائيس وڏا لاکا جي اڳواڻ راشد لاکو جو چوڻ آهي نادرا گمبٽ ۽ خيرپور جي انتظاميا طرفان  بااثر ڌرين جي چوڻ تي 2018ع کان افغاني پٺاڻن کي شناختي ڪارڊ مقامي ايڊريس تي جاري ڪري رهي آهي، جيڪا قانون جي ڀڃڪڙي آهي، کين خدشو آهي ته افغاني پٺاڻن کي تعلقي گمبٽ ۽ سوڀوديرو جي ڳوٺن واري ايڊريس تي ڪارڊ جاري ٿيڻ سان علائقن ۾ دهشتگردي جا واقعا پيش اچي سگهن ٿا، ان ڪري اهڙي عمل تي انتظاميا کي نوٽيس وٺي افغاني پٺاڻن کي جاري ڪيل ڪارڊ رد ڪيا وڃن