نائجيريا جي اترين علائقي ۾ هٿياربندن جو حملو، عورتن سميت 47 ماڻهو مارجي ويا

ابوجا:- نائجيريا جي اترين علائقي ۾ حملي دوران 47 ڄڻا مارجي ويا. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب 300 کان وڌيڪ حملي آورن مختلف ڳوٺن تي حملا ڪيا، حملي دوران مارجي ويلن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.مقامي پوليس موجب حملو نائيجيريا جي رياست ڪاتسينه جي مختلف ڳوٺن ۾ رات 12 وڳي کان پوءِ ڪيو ويو جڏهن ڳوٺ جا ماڻهو ستل هئا.  حملي کان پوءِ نائجيريا جي آرمي، ايئرفورس سميت ٻيا سيڪيورٽي ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا هئا ۽ علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو هو.جڏهن ته ڀرپاسي جي علائقن ۾ حملو ڪندڙن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. گذريل سال به حملو ڪندڙن مختلف علائقن ۾ حملا ڪري سوين ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو هو. ياد رهي ته آفريڪا جي سڀني کان وڏي آبادي واري ملڪ ۾ اهڙي طرح جا حملا سيڪيورٽي ادارن لاءِ چيلنج بڻجي ويا آهن..