نئين سياسي پارٽيءَ کي آجيان پر قاسم پٿر جو رايو ڄاڻڻ به ضروري آهي

 اڄ ڪلھه سنڌ ۾ نئين سياسي پارٽيءَ بابت تبرا توڙي تبصرا اوج تي آهن. پ پ جي خراب ڪارڪردگي کانپوءِ… خدا نھیں تو پتھر کی مورتیں بہت.. وانگي سڀڪو متبادل جي نالي ۽ جهنڊي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ طور “سنڌ ويزن” گروپ جا دوست هڪ نئون سياسي پليٽ فارم جوڙڻ جي تيارين ۾ آهن. هڪ بيمار، نادار ۽ لاچار قوم کي جڏهن يا جيڪڏهن ڪو به ماڻهو اهو آسرو ڏيندو ته….”اي مريض، تنهنجي دوا لاءِ نئون ويڄ يا طبيب اچي رهيو آهي” ته اهو مريض يقينن نئين ڊاڪٽر جي آجيان ڪندو. بلڪل ائين ئي اسان نئين ايندڙ سياسي پارٽي جي آجيان ڪريون ٿا، پر ان موقعي تي سنڌ جي هڪ بي مثال ڪردار ۽ قوم پرست اڳواڻ قاسم پٿر جو هڪ واقعاتي تبصرو ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي. قاسم پٿر صاحب ٻڌايو هو ته 1986ع کانپوءِ جڏهن ممتاز ڀٽي، عطاءَ الله مينگل ۽ افضل بنگش وارن گڏجي سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ ٺاهيو هو، تڏهن لنڊن مان سنڌ واپسيءَ کانپوءِ ممتاز ڀٽي سنڌ ۾ ڪجھه شروعاتي جلسا ڪري پوءِ سنڌ جي قومپرست اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري کين سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. هڪ ملاقات ۾ ممتاز ڀٽي، قاسم پٿر کي به فرنٽ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. ان تي قاسم پٿر کيس وراڻيو ته…. ممتاز صاحب ! جڏهن تون چيف منسٽر ۽ گورنر هئين، تڏهن به تون صاحب هئين ۽ اسان مارون کائي جيل پئي ڪٽيا. هاڻي به وري تون صاحب ۽ اڳواڻ هوندين ۽ اسان وري به تنهنجي پويان هونداسين. ھا اسين ان پارٽي ۾ شامل ٿينداسين، جنهن ۾ اسانکي اهو اختيار هجي ته اسان توکي معطل ڪري يا خارج ڪري سگهون. سو ڪٿي ائين ته ناهي ته نئين ٺهندڙ پارٽي ۾ قائد ته تمام گهڻا موجود آهن، کين رڳو ڪارڪنن، راڄ يا رعيت جي ضرورت آهي ؟

      ٻيو اهم سوال ته ڪٿي ائين ته ناهي ته نئين ٺهندڙ پارٽي جا ڪجھه اڳواڻ، جن جو اڪثر حصو سرڪاري فنڊن ۽ سهولتن تي هٿ ۽ ڏند صاف ڪندڙ ڪامورن تي ٻڌل آهي، اهي ڪا اهڙي مصروفيت ڳولڻ چاهين ٿا، جتان کين سڻڀ جو ٽڪر نصيب ٿيڻ جو امڪان هجي؟ اهڙا ڪيئي مثال موجود آهن. اسي جي ڏهاڪي ۾ سگا ۾ سرگرم سنڌي آفيسرن جو موچارو تعداد، سٺين سڻڀين ڪرسين ملڻ کانپوءِ ماٺو ٿي ويو. نوي جي ڏهاڪي جي آخر ۾ ڪجھه ڪامورن ۽ ڪارخانيدارن ملڪ ۾ سڌارن عرف ريفارمز جي ضرورت محسوس ڪئي ۽ ناظم ايف حاجي ۽ نثار ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ “دي ريفامرس” نالي تنظيم ٺاهيائون، جيڪا اڳتي هلي پرويز مشرف جي ريفامز سان متفق ٿي، وزارتي وٺي ويهي رهي. نئين پارٽي ٺاهيندڙ دوستو…!! جيڪڏهن توهان کي ڪا اهڙي اسڪيم ذهن ۾ آهي ته ٻيلي اسان جي ويساهن کي نوان گهات نه هڻجو، بلڪ اسان کي سڌو سنئون ٻڌائي ڇڏجو ته اسان توهان کي وزارتون وٺي ڏيڻ لاءِ هينئر ئي ڪا سڌي، اڻسڌي مهم هلايون. ڇو ته سنڌ جي نالي ۽ سنڌ جي مظلوميت اڳ ۾ ئي گهڻو نيلام ٿي چڪي آهي ڪنهن ڪيڏو نه سچ لکيو آهي ته… ” سنڌ وڏو واپار، ڪو ڪري ته ڏسي” ..!

    منظور سولنگي