نئين سال تي قوم کي جهٽڪو: وزيراعظم پيٽرول سميت تيل جا اگهه وڌائڻ جِي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : حڪومت نئين سال تي قوم کي جهٽڪو ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم عمران خان پيٽرول سميت تيل جا اگهه وڌائڻ جِي منظوري ڏئي ڇڏي، پيٽرول 2 رپيا 31 پيسا مهانگو، هاءِ اسپيڊ ڊيزل هڪ رپيو 80 پيسا، گاسليٽ 3 رپيا 36 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل 3 رپيا 95 پيسا مهانگو ڪرڻ جِي منظوري ڏئي ڇڏيو. تيل جا نوان اگهه رات 12 هين وڳي کان لاڳو ٿي ويندا.