نئون ڪوٽ واسي فوجي جوان اڳوڻي پريميڪا سان ورتل سيلفي ۽ اُن جي مڙس جي تصوير سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪرڻ کانپوءِ آپگهات ڪري ڇڏيو.

مٺي :- نئون ڪوٽ واسي نوجوان اڳوڻي پريميڪا سان ورتل سيلفي ۽ اُن جي مڙس جي تصوير سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪرڻ کانپوءِ آپگهات ڪري ڇڏيو. نئون ڪوٽ واسي فوجي جوان سريش ولد ڦلو ميگهواڙ موٽر سائيڪل تي سوار ٿي اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ جوڳي مڙهيءَ پهتو، جتي هُن پنهنجي اڳوڻي پريميڪا سان ورتل سيلفي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪرڻ بعد پاڻ کي وڻ سان ٽنگي آپگهات ڪري ڇڏيو.اطلاع تي مٺي پوليس پهتي ۽ نوجوان جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو. اُن حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته نوجوان ڳوٺ ۾ هڪ رات ترسيو ۽ ٻئي ڏينهن تي آپگهات ڪيو آهي. جڏهن ته آپگهات ڪرڻ کان اڳ فيس بُڪ ۾ پنهنجي آءِ ڊي تي پنهنجي اڳوڻي پريميڪا سان ورتل تصوير ۽ اُن جي مڙس جي تصوير شيئر ڪئي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ناريءَ جي 15 ڏينهن اڳ شادي ٿي هئي، جڏهن ته آپگهات ڪندڙ نوجوان به شادي شده هو ۽ کيس ٽن ٻارن جو اولاد هو.علائقي واسين جو چوڻ آهي ته نوجوان شادي ٿيڻ باوجود اڳوڻي پريميڪا سان شادي جي خواهش ظاهر ڪئي هئي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته آپگهات ڪندڙ نوجوان سوات ۾ ڊيوٽي ڪندو هو.