مھڪ ڪماري جو نڪاح پڙهائيندڙدرگاهه امروٽ شريف جي گادي نشين سميت 6 جوابدار پوليس جي گرفت کان آزاد

جيڪب آباد :- مھڪ ڪماري جي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل، گھوٽ، درگاهه امروٽ شريف جي گادي نشين سميت 6 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو، جيڪب آباد ۾ مذھب تبديل ڪري پسند جي شادي ڪندڙ مھڪ عرف عليزا واري مامري جو عدالت پاران ٻڌايل فيصلي کانپوءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي جي ھدايت تي جيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي تي سرڪار پاران ايس ايڇ او ھدايت الله بجاراڻي جي فرياد تي مھڪ عرف عليزا سان شادي ڪندڙ گھوٽ علي رضا سولنگي، درگاهه امروٽي شريف جي گادي نشين سيد سراج احمد امروٽي، عبدالنبي ڪلوڙ، لعل محمد، محمد سومر، گلڻ سميت 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ھن وقت تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي، ڊي ايس پي سٽي غلام محمد چنه ٻڌايو ته عدالتي حڪم تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏھن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد گرفتار ڪيا ويندا.