مٺي ۾ اي ايس آءِ جي گهر مان سالِي ۽ ڀيڻيوئي جا لاش هٿ اچڻ واري واقعي جي جاچ ايس ايس پي نوابشاهه تنوير تنيو حوالي

مٺي := مٺي ۾ اي ايس آءِ جي گهر مان سالِي ۽ ڀيڻيوئي جا لاش هٿ اچڻ واري واقعي جي جاچ آءُ جي سنڌ جي هدايتن بعد ايڊيشنل آءُ جي حيدرآباد نواب شاه جي ايس ايس پي نوابشاهه تنوير تنيو حوالي ڪئي وئي.  وارثن ٻيهر پوسٽ مارٽم لاءِ نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ مٺي جِي عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. ايس ايس پي ٿرپارڪر جي آفيس ۾ به نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ درخواست جمع ڪئي وئي.  ناري ۽ نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير جي نوٽيسز باوجود ڪيس جي جاچ اڳتي نه وڌي سگهي، مٺي پوليس مامري کي لئه مٽي ڪرڻ جا سانباها ڪري رهي آهي، متاثرن طرفان ڪيس جي جوابدارن کي جلد منطقي انجام تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو