ميچ هارائي وڃون ته گروپ بندي جون ڳالهيون شروع ٿي وينديون آهن: نوجوان بيٽسمين بابراعظم

لاهور :-  قومي ٽيم جي نوجوان بيٽسمين بابر اعظم جو چوڻ آهي ته ٽيم ۾ ڪوبه گروپ ناهي، ميچ هارائي وڃون ته گروپ بندي جون ڳالهيون شروع ٿي وينديون آهن، ڀارت خلاف ميچ کانپوءِ اهڙيون ئي ڳالهيون شروع ٿيون، اسان جو فوڪس صرف پنهنجين ميچن تي هو، گروپ بند جون ڳالهيون انڊيا جي ميچ کانپوءِ ئي آيون، پهريان ڇو نه آيون، جڏهن اسان ميچ کٽي رهيا هئاسين تڏهن اهي شيون ختم ٿي ويون.صحافين سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته ڀارت کان هارائي وڃون ته هر شئي تي تنقيد ٿيندي آهي، جيڪي 15 رانديگر ورلڊ ڪپ کيڏڻ ويا انهن ۾ ريلوڪٽو ڪوبه نه هو، سمورا رانديگر پنهنجي پرفارمنس جي بنياد تي  ٽيم ۾ شامل ٿيا، ميچ لاءِ ٽيم فائنل ڪرڻ ڪپتان ۽ ڪوچ جو ڪم آهي، ميگا ايونٽ انگلينڊ کي کٽڻ گهرجي، سٺو کيڏي رهيا آهن، انگلينڊ خلاف انڊيا ڄاڻي هارايو يا نه اسان کي خبر ناهي.جاويد ميانداد جي حوالي سان سوال تي پاڪستاني رنز مشين جو چوڻ هو ته جاويد ميانداد جهڙي ليجنڊ جو رڪارڊ ٽوڙڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، رڪارڊ ٽوڙڻ تي تمام گهڻي خوشي آهي، ڪپتاني جي ذميواري ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو پي سي بي جو آهي.بابر اعظم جو وڌيڪ چوڻ هوته جڏهن سينچري جي ويجهو هوندو آهيان ته پريشر ۾ اچي ويندو اهيان، ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي ڪارڪردگي سان ماڻهن کي خوش رکي سگهان، ورلڊ ڪپ ۾ مون کي ڪافي ڪجهه سکڻ لاءِ مليو، مان صرف هارڊورڪ تي يقين رکان ٿو، مون کي نائب ڪپتان بڻائڻ يا نه بڻائڻ جو فيصلو پي سي بي کي ڪرڻو آهي، ٽيم ۾ جيڪي سينيئرز هئا انهن ڪڏهن ظاهر ٿيڻ نه ڏنو ته هو سينيئرز رهيا.ان موقعي تي امام الحق جو چوڻ هو ته ورلڊ ڪپ ۾اسان جي فيلڊنگ ڏاڍي خراب هئي، جيتري فيلڊنگ پريڪٽس اسان ڪندا آهيون ايتري ياد ڪابه ٽيم ناهي ڪندي، هي ڪرڪيٽ آهي جهڙي طرح اوهان چاهيو ايئن ٿيڻ ممڪن ناهي. اوپنر جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ٽيم ڪنهن به ٽيم کي هارائڻ جي صلاحيت رکي ٿي، منهنجي پرفارمنس پهريان اچي وڃِ ها ته ٽيم سيمي فائنل ۾ وڃي سگهي پئي، آسٽريليا خلاف ميچ ۾ منهنجي گهڻي ذميواري ٺهي پئي، پهرين ميچ ڪافي لو رن ريٽ تان هارائي هئي.