ميرپور خاص ۾ نينگر کي ڪُهي قتل ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس سندس گرفتار ٿيل ڀاڄائيءَ خلاف داخل,

ميرپور خاص :- ميرپور خاص ۾ نينگر کي ڪُهي قتل ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس سندس گرفتار ٿيل ڀاڄائيءَ خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ڳوٺ ڏاهيو ڪولهي ۾ 8 سالن جي معصوم نينگر نريش ڪولهي کي ڏاٽي سان ڪُهي قتل ڪرڻ بعد لاش ڪمند جي فصل ۾ اُڇليو ويو هو. گذريل ڏينهن نينگر جو لاش هٿ اچڻ کانپوءِ پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، ڊاڪٽر تصديق ڪندي ٻڌايو ته نينگر کي ويهڪ واري جاءِ ۾ سخت شئي وجهڻ کانپوءِ ڪُهي قتل ڪيو ويو آهي. پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري نينگر جي ڀاڄائي شريمتي انيتا ڪولهي سميت 6 ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو هو. پر پوليس ناري کي تحويل ۾ رکي باقي 5 شڪي ماڻهن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. نينگر جي والد جي فرياد تي ناري انيتا خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نريش کي سندس ڀاڄائي انيتا ڏاٽي سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناري انيتا ڪولهي پهرين جاچ ۾ اعتراف ڪيو ته ڏاٽو سندس آهي، جڏهن ته بعد ۾ پنهنجي بيان تان ڦري وئي ۽ چيو ته ڏاٽو سندس ناهي، جڏهن ته ناري جي مڙس ۽ مقتول نينگر جي ڀاءُ جيسنگهه بيان ڏيندي چيو آهي ته نينگر جي لاش ڀرسان هٿ آيل ڏاٽو سندس گهرواري (انيتا) جو آهي. پوليس جاچ جي حوالي سان ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته نينگر جي وارثن طرفان ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ ئي جاچ کي اڳتي وڌائينداسين ۽ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس کوجي ڪتا وٺي اُن جاءِ تي وئي، جتان نينگر جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو هو.