ميرپورساڪرو ۾ مهمان پکين جي اچڻ شرط ئي شڪارين پاران نسل ڪشي شروع

ميرپورساڪرو :- سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي  سائيبريا ۽ ٻين ملڪن کان پرديسي پکي سنڌ جي ساحلي پٽي ۽ ڍنڍن تي ناياب ۽ خوبصورت مھمان پکين جي آمد جو سلسلو جاري آهي.ضلعي ٺٽي تعلقي ميرپور ساڪري جي ڍنڍن تي ڪيترن ئي ناياب قسمن جي مھمان پکي جي  اچڻ  جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ ڪرڙو، ڍگوش، آڙي، نيرگي ۽ ٻيا ڪيترن ئي قسمن جا ناياب پکي شامل آهن.مھمان پکين جي آمد شروع  ٿيندي ئي ظالم شڪارين بندوقن ۽ رڇن سان   مھمان پکين جو غيرقانوني شڪار وڏي  کلي عام ڪري رھيا آهن.پرديسي پکين جو شڪار ڪرڻ سان  پکين جي نسل ڪشي پڻ جاري آهي، وائيلڊ لائيف کاتي طرفان ڪو ٻوٽو نه ٻاريو، شهرن ۾ پکين جو وڪرو   400 روپيا جوڙي جي حساب سان سرعام ٿي رهيو آهي، جڏهن ته انتظاميا اگھور ننڊ ستل آهي.وائلڊ لائيف کاتو مهمان پکين جي نسل ڪشي ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪري معصوم پکين جي زندگيون بچائي، ائين  نه ٿئي جو ھن سونهن ڀري ڌرتي ڏانهن مھمان پکي پنهنجو سفر ھميشه ھميشه لاءِ ختم ڪري ٻين علائقن جو رخ ڪن ۽ پوءِ اسان جون ڍنڍون پنهنجو حسن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ  لڳن