ميرا کي شيخ رشيد سان گڏ واري تصوير شيئر ڪرڻ مهانگي پئجي وئي

ڪراچي:-   پاڪستاني اسڪينڊل جي راڻي ميرا کي ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد سان گڏ تصوير شيئر ڪرڻ مهانگو پئجي ويو.گذريل ڏينهن اداڪاره ميرا شيخ رشيد سان گڏ پنهنجي هڪ پراڻي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي. تصوير ۾ ميرا ۽ شيخ رشيد کلندي نظر اچي رهيا آهن. مير ان تصوير جي حوالي سان ڪوبه پيغام ناهي ڏنو ته شيخ رشيد سان گڏ ان جي هي تصوير ڪڏهن جي آهي ۽ ڪهڙي موقعي تي ورتي وئي آهي ۽ ان جي هي تصوير شيئر ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي. پر ميرا طرفان شيئر ڪيل ان تصوير تي سوشل ميڊيا صارفين سندس مٿان سخت تنقيد ڪندي ان جي برابري ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه سان ڪري رهيا آهن ڪجهه صارفين جو چوڻ آهي ته ميرا اها تصوير ڄاڻي واڻي شيئر ڪئي آهي. هڪ ٻئي صارف ميرا کي  دماغ جو علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته تون چري ٿي وئي آهين ڪنهن سستي اسپتال مان پنهنجو دماغ سيٽ ڪرائي وٺ. اميد ته توکي ضرور فائدو ملندو. هڪ ٻئي جميل نالي صاف ميرا کان سوال پڇيو ته ڇا اوهان حريم شاهه بنجڻ چاهيو ٿيون. جڏهن ته هڪ ٻئي صارف چيو ته هي حريم شاهه جي سئوٽ آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن کان ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه ۽ شيخ رشيد جي وچ ۾ لائيو ڪال جي وڊيو پاڪستاني سياست ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏي آهي.