موٽر سائيڪل ۽ رڪشن جي وڪري ۾ گهٽتائي

اسلام آباد : هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوارن ملڪ ۾ موٽر سائيڪل ۽ رڪشن جي وڪري ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي و.ئي آهي. پاڪستان آٽو موبائل مينوفيڪچرنه ايسوسي ايشن جي انگن اکرن مطابق جولاءِ کان سيٽپمبر تائين جي عرصي ۾ ملڪ ۾ موٽر سائيڪل ۽ رڪشن جي وڪري ۾ 19.48 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اهڙي عرصي ۾ ملڪ ۾ 3 کل 67 هزار 656 يونٽس موٽر سائيڪل ۽ رڪشا وڪرو ٿيا. گذريل مالي سال جي اهڙي عرصي ۾ ملڪ ۾ 4 لک 56 هزار 626 يونٽس موٽر سائيڪل ۽ رڪشن جو وڪرو ڪيو ويو آهي. ان عرصي ۾ هنڊا موٽر سائيڪل جي وڪري ۾ 11.2 ، سوزڪي 11.34 ۽ ياماها جي وڪري ۾ 1.16 گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.يونائٽڊ آٽو موٽر سائيڪل جي وڪري ۾ 20.02 سيڪڙو ۽ روڊ پرنس موٽر سائيڪلن جي وڪري ۾ 35.02 جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. ان جي برعڪس روڊ پرنس رڪشن جي وڪري ۾ 2.51 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي.