مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي! ليکڪ جامي چانڊيو

مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي
جامي چانڊيو
عظيم شاعريءَ جو هڪڙو ڪمال اهو به هوندو آهي ته جو اُها عَلامتي هوندي آهي، ۽ ان جي ڪيترين ئي سِٽن جون معنائون، نِسبتي طور گهڻيون ٿي سگهنديون آهن. مٿي عُنوان ۾ ڏنل لطيف سائينءَ جي سِٽَ به ايئن ئي آهي. جڏهن مان اها سِٽ سنڌ جي تاريخَ جي هڪ يَگاني مُفڪر ۽ انقلابي عالِمَ توڙي سُونهَي سائين رسُول بخش پليجي جو تصور ذهنَ ۾ آڻي دل ۾ اُچاريندو آهيان ته مون کي ”پرينءَ“ جو هڪ نئون تصور ۽ مَفهوم ذهن ۾ ايندو آهي. اُهو تصور دراَصل هڪ ”نئين سماجَ“ جي انقلابي شڪلَ ۽ شبيهَه هوندو آهي. 1987 ۾ پليجي صاحبَ سان مون جڏهن پهريون ڀيرو ڪَچهري ڪئي هئي، ته سندس اُتساهيندڙ لفظ ۽ انداز ڏسي بس هن کي ڏسندو ئي رهجي ويو هئس، خاص ڪري تڏهن جڏهن هن چيو هو ته، ”پاڻ کي بس هڪ ننڍڙو ڪم ڪرڻو آهي، ۽ زندگي ان ڪم کي اَرپڻي آهي، ۽ اهو ڪم آهي هن دنيا کي تبديل ڪرڻو آهي!“
”دنيا کي تبديل ڪرڻ“ ۽ ان کي هڪ ”ننڍڙو ڪم“ سڏڻ–اهو سنڌ ۾ رڳو رسُول بخش پليجو ئي چئي سگهيو ٿئي جو هو هَميشه وڏن ڪمن جي هيبتَ مان ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ انهن کي ننڍڙو ڪم ڪري پيش ڪندو هو. ساڳئي وقت ماڻهن کي با عَمل ٺاهڻ لاءِ ننڍن ڪمن کي وري تمام وڏو ڪم ڪري پيش ڪندو هو. اِهو شايد لطيف سائينءَ جو ڪو حقيقي پوئلِڳُ ئي ڪري سگهي ٿو ۽ اهو سَچ پچ به سِنڌ ۾ رسول بخش پليجو هو. جيڪي لطيف جا آدَرشي سامِي زندگيءَ جي اَٿاهَه ساگر ۾ تُنبي جيئن تِرِي سگهن ٿا لطيف انهن کي به سامِيئڙا سڏيو آهي. رسُول بَخش پليجي جي اُتساهڻ جو انداز به اهڙو ئي هو، ۽ سندس معيارَ به اهڙا ئي هئا.

پليجي صاحب جي شخصيت تمام هَمه گير آهي ۽ سندس هر پاسو تمام وسيع ۽ گهرو آهي. پر هن مضموُن ۾ مان رڳو سندس شَخصيت جي آدرشي پاسي تي ئي روشني وِجهڻ چاهيان ٿو. هو بنيادي طور هڪ آدرشي بينُ الاقواميت پَسند هو، پر سندس سڄو زورُ پنهنجي وطن ۽ ان جي مظلُوم طبقن ۽ عوامَ تي ان ڪري هو جو هو سَمجهندو هو ته انقلابيءَ تي پهريون فرضُ پنهنجي وطنَ، ان جي مظلوم طبقن ۽ ان جي عوامَ جو هوندو آهي. هُن جي آدرشن ۽ گَهڻ-طرفِي جدوجهد جو بنيادي مَحور هڪ نئين سماج جو تصور ۽ ان جو عملي خاڪو يا خُواب هو. رسُول بخش پليجي جي سموري باشعور حياتيءَ جي سوچَ، لوچَ ۽ پلَ پلَ جي جاکوڙَ جو محور ۽ مُحرڪ ان خُواب جي ساڀيان هو.
رياستَ کي تبديل ڪرڻ جو تصور به ان ئي سماجَ جي اَڏاوتَ جو هڪ ڏاڪو آهي.

هڪ انقلابي بينُ الاقواميت پسندَ لاءِ رياستَ کان نجاتَ، ان تي قبضو يا ان کي تبديل ڪرڻ منزل نه پر هڪ ڏاڪو هوندو آهي. جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد جو فڪرُ وطَني قومپرستيءَ تي ٻڌل هو پر ان باوجود سائين به ”سنڌُ جي آزاديءَ“ کي منزل نه پر هڪ ڏاڪو سمجهندو هو. جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد ۽ پليجو صاحب ٻن مختلف فِڪري ڌارائُن سان سَلهاڙيل هئا، پر انهن ۾ آزاديءَ ۽ انقلابَ کي منزل نه سمجهڻ وارو عنصر ساڳيو هو. مان سمجهان ٿو ان جي پُٺيان اُن لطيفي فڪرَ جو هٿُ آهي، جنهن ۾ منزلَ جو تصُور دنيا ۾ سڀَ کان نِرالو آهي.

اِهو سُوال تمام اهم آهي: رسُول بخش پليجي ۽ هن جهڙن تمام آدرشي انسانن جي خُوابن جو سماج ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ مختصر لفظن ۾ اهو هڪ اهڙي سماجَ جو تصوُر آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسمَ جي طبقاتي، قومي، سامراجي ۽ ذهني غلامي نه هوندي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي عقيدي پرستي، جهالتَ ۽ مُدي خارِج سوچُن جو وُجود نه هوندو، جنهن ۾ صِنفي ۽ انساني مَت-ڀيد نه هوندو ۽ جنهن ۾ انسان مافُوق الفطرت تصورن تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي عملَ، عقل، تجربي ۽ انساني علمَ تي ڀاڙيندو. هو نه رڳو هر طرح آزاد هوندو، پر هو هن زندگيءَ کي ئي ”جَنتَ“ بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو. رسُول بخش پليجو پنهنجي نئين ۽ آدرشي سماجَ جي حاصلات لاءِ هڪ نئين انسانَ جي تصور تي پڻ بيحد زور ڏيندو هو. ”نئين انسانَ“ جو تصوُر انساني فڪرَ جي تاريخَ ۾ نئون نه آهي–مذهبن کان وٺي يوناني فڪرَ تائين، تصوُفَ ۾ اِبن العربيءَ کان وٺي لطيف تائين، جديد دور ۾ نِٽشَي جي سُپر مئن، اقبالَ جي مردِ مومن، ۽ ڪارلائلَ جي معيارن کان وٺي مارڪسَ جي آدرشي انسانَ ۽ لينن جي ”پيشه ور انقلابيءَ“ (Professional Revolutionary) تائين انساني تاريخ اهڙا انيڪ تصورَ، ماڊلَ، خيالي ۽ عملي ڪردارَ ڏٺا، پَسيا ۽ پرکيا آهن. مان سمجهان ٿو ته پليجي صاحبَ جو آدرشي انسان لطيف، مارڪس ۽ لينن جي پيش ڪيل تصورن جو هڪ تخليقي اِمتزاج آهي.

پليجو صاحب پنهنجي اُن تصورَ جي انقلابيءَ کي هڪ ئي وقت، فقير، عالِم، عاشق، سپاهي، سپهه سالار، سورهيه، سُونهو، ۽ ويندي هڪ ڪميٽيڊ جاسوس ۽ همه تن گوش جاکوڙي (پيشه ور انقلابيءَ) جي صفتُن جي وحدتَ ۾ ڏسندو هو. مون کي پنهنجي زندگيءَ ۽ تجربي ۾ اهڙن معيارن جي آدرشي انسانَ جي عملي صورتَ ۾ پنهنجين سمورين انساني ڪمزورين سميتَ سڀ کان وڌيڪ ويجهو انسان رسول بخش پليجو نظر آيو. ان جو مطلب اهو نه آهي ته سنڌ ۾ ڪو ٻين حوالن سان بي مثال ماڻهو موجود نه هئا پر مون کي هن جي شخصيتَ ۽ وِرچِي نه ويهڻ واري اندازَ ۽ گَهڻ-طرفي جِدوجهد جي حوالي سان مٿي سندس ئي بيان ڪيل معيارن جي وحدتَ جي هو وڌيڪَ ويجهو نظر آيو. باقي هونئن سنڌ ۾ آدرشي انسانن جي کوٽَ نه هئي ۽ نه شايد ڪڏهن به نه ٿئي، پر جيئن لطيف چيو آهي نه ته:
جَکَري جِهو جُوانُ، ڏِسان ڪونَه ڏيهَه ۾،
مُهُڙُ مِڙني مُرسَلِين، سَرسُ سَندُسِ شانُ،
اِيءُ آگي جو اِحسانُ، جِنہِن هادِي ميڙيُم هِهَڙو!

رسُول بخش پليجو جيئن ته فڪري طرح لطيف، مائُو، مارڪس ۽ لَينِن جو شاگرد هو، ان ڪري هُن ڪڏهن به ”خاص“ ماڻهن ۾ پنهنجي آدرشي انسانَ جي ڳولا يا دريافت توڙي تخليقَ جي ڪوشش نه ڪئي. هن جو زور سدائين ”عامُ“ ماڻهن ۽ ”عام“ طبقن جي ماڻهن تي رهيو، هي اُهي ئي ”عام“ ماڻهو هئا، جن کي لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ”واٽهڙُو“ سڏيو آهي.

لطيفَ جي سچي فِڪري شاگردَ ۽ شارِحَ پليجي صاحبَ کي به خبر هئي ته ”خاص طبقن“ تي ڪم ڪرڻ ڍِينگرن تي اَٽو هارڻ مثل آهي ۽ هن سماجَ جي حقيقي سُونهائپَ عام طبقن مان ٿيڻي آهي، ويندي هڪ نئون سماج به انهن مان ئي اَڏڻجو آهي. مون پليجي صاحبَ کي ڪڏهن به روايتي معنى ۾ ”عوام عوام“ يا ”قوم قوم“ ڪندي نه ڏٺو. هو ان سَکڻِي لفاظيءَ جو ڪڏهن به قائل نه هو. هن وٽ عوام، قومَ، وطنَ ۽ انسان ذاتَ جو انقلابي تصور هو، جنهن ۾ انهن بابت سَکڻِي نعري بازيءَ بدران اُن کي انقلابي معنى ۾ تبديل ڪرڻ تي زور هوندو آهي. رسُول بخش پليجو لطيفي ۽ اِنقلابي روايتَ موجب، عام انسان ۽ خاص انقلابي فڪر جي اِمتزاجَ تي زورُ ڏيندو هو، جيئن لطيف چيو آهي:

اَڄُ آڳڙيا آئِيا، سُوڌا سِراڻِي
پِياري پاڻِي، تيغُون ڪَندا تکِيُون.

يا وري:
سَرها ڏِٺَمِ سي، جَنِ ساڃاءِ سِراڻ سِين
تيغَ تَنِي جِي کي، ڪَٽُ نه لَڳي ڪَڏَهِين.

اهو ئي سببُ آهي جو هو هر ماڻهوءَ کي گهڻو ۽ گهرائيءَ سان پڙهڻ جي تلقينَ ڪندو هو، گهڻ-طرفي علمَ ۽ فڪرَ جي عميق سمونڊن جو تيراڪ ٿيڻ جون هدايتون ڏيندو هو، ٻارن، نوجوانن، ماين، هارين ۽ پورهيتن کي انقلابي علمن جون غير معمولي ڌارائون ڏَسيندو، ڏيکاريندو ۽ کين ڪتابَ تجويز ڪندو هو. هو ڪلاڪن جا ڪلاڪَ ٻارن ۽ نوجوانن سان ويٺو هوندو هو. هو اهڙو فِڪري ڪِيمياگر هو جيڪو عامن کي خاص ۽ خاصن کي عام بڻائيندو هو. هو هر ماڻهوءَ کي اُهو اُتساهه ۽ ويساهه ڏيندو هو ته اُن آدرشي نئين سماجَ جو پهريون ماڻهو هو ٿي سگهي ٿو. هو اُن ڏِسَ ۾ مٿن ڪم رکندو هو، سندس ڪُلهن تي فڪري بارَ وجهندو هو. پر ساڳئي وقت ايئن ڪرڻ سان گڏو گڏ هو ماڻهن سان غير معمولي اُميدون وابسته به نه ڪندو هو. ان ڪري جيڪڏهن کيس ڪنهن وٽان گُهربل موٽَ نه به ملندي هئي ته اُن تي اَرهو ٿيڻ بدران ٻين فردن تي ڪم جاري رکندو هو، ڇاڪاڻ ته مايوسيءَ جو لفظ هن جي فِڪري لُغتَ ۾ شامل ئي نه هوندو هو.

هو هڪ غير معمولي اُستاد هو، هڪ هلندڙ ڦرندڙ فڪري يونيورسٽي هو، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هڪ انسان-ساز ادارو هو. سندس تربيتَ مان نڪتل ماڻهو، سماجَ جي جنهن به شُعبي ۽ اداري ۾ ويا، انهن سندس فڪري تربيتَ کي لَڄايو ڪونه. منجهائن ڪي اُڙيا ٿُڙيا کَريا هوندا، پر اڪثريتي طور سماج ۾ انهن شاندار ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪري رهيا آهن. ان جو سبب ئي اهو هو جو اُنهن کي فڪري طورَ آدرشي سُتِي پيل آهي.
رسُول بخش پليجي رُڳو علمَ سان عشقَ جي تلقين نه ڪئي، پر پاڻ اُن جو مجسمو بڻجي ڏيکاريو. مون لڳ ڀڳ سڄي دنيا گهمي ڏٺي آهي، دنيا جي انيڪ يونيورسٽيُن ۽ علمي ادارن ۾ ويو آهيان، وڏن وڏن عالمن جي صحبتَ ۾ رهيو آهيان، پرَ سچي ڳالهه اِها آهي ته مون پنهنجي زندگيءَ ۾ گهڻ-طرفي علمَ جي حوالي سان هُن جي سطح جو ڪو عالم نه ڏِٺو! مخصوص علمن ۾ هن کان وڏا وڏا عالمَ، سنڌ، ملڪ ۽ دنيا ۾ هوندا ۽ آهن. پر گهڻ-طرفي علم جي جيڪا سطح ۽ وحدتَ مون سنڌ جي هن يگاني عالِمَ ۾ ڏٺي، اُها بي مثال آهي. هڪ ئي وقت، فلسفو، ادبُ، شاعري، سياستَ، تاريخَ، سماجي علمَ، آرٽ، جنگ، ڊپلومئسي ۽ جاسوسيءَ جو علم، انقلاب، مذهبَ ۽ سائنسي شعور ڪنهن هڪ ماڻهوءَ ۾ به ان هڪ سطح تي گڏ ٿي سگهن ٿا ۽ عِلمي وحدتَ جي اُن منزل تي رَسِي سگهن ٿا، ان جي زندهه ۽ عَمَلي صورت مون ڪنهن عالِمَ ۾ ڏٺي ته اهو رسُول بخش پليجو هو. ايترن گهڻن علمن تي به مهارتَ جي حدَ تائين ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي دسترس ٿي سگهي ٿي؟
ماڻهو هن جي همه گير علميتَ ڏسي حيران ٿي ويندو هو، ۽ هُن جو ڪمال اِهو هو جو هُو عِلمي ميڪانڪيت بدران انهن عِلمي ڌارائُن کي تخليقي انداز ۾ فڪرَ ۽ اِدراڪَ توڙي ڏاهپَ ۾ تبديل ڪري سگهندو هو. هو لطيفَ جي ٻوليءَ ۾ اُهو ”قاتل ڪمائي ڪندڙ فڪري ڪيمياگر “ هو جيڪو وِهُه کي ماکيءَ ۾ تبديل ڪري سگهندو هو، ڀٽائيءَ جي خيال ۾:
جِيَاسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِي لاٿو جارُ
سَندو پُورَبَ پارُ، آڇِئائُون انڌن کي

انساني زندگي ڏاڍي مختصر آهي ۽ انساني تاريخَ ۾ عام طور وڏا وڏا ماڻهو به ڪنهن هڪ شُعبي ۾ به ڪو هڪ اَڌ وڏو ڪم ڪندا رهيا آهن. انساني تاريخ ۾ اهو امتياز رُڳو مارڪسي انقلابي روايتَ کي حاصل آهي ته ڪو هڪ ماڻهو وڏو غير معمولي مُفڪر ۽ عالِم به هجي، ليکڪ ۽ سماجَ جو گهڻ-طرفو سُونهو به هجي، هڪ جاکوڙِي ۽ ڪڏهن به وِرچِي نه ويهڻ واري جِدوجهد جو مانجِهي مٿير به هجي، قربانيون ڏيندڙ ۽ گهڻ-طرفيون مزاحمتون ڪندڙ سُورمو به هجي، انسان-سازُ اُستاد به هجي، ۽ ٻيو اهو سڀ ڪجهه به هجي، جنهن جي گُهرجَ دورَ جون معروضي حالتون ڪن ٿيون. مارڪس، لينِن ۽ مائُو تاريخَ جا اهڙا ئي سُونها ۽ سرويچَ هئا، ۽ سنڌ جهڙي ڪُنڊائتي ديسَ ۾ رسُول بخش پليجو به انهن جو ئي تسلسل هو، هو پاڻ کي انهن جو ئي شاگرد سمجهندو هو. فرَقُ رڳو اهو هو جو هُن، انهن اِنقلابي رِوايتُن سان لطيفَ کي به فڪري ۽ تخليقي اندازَ سان سلهاڙي ڇڏيو.

مون زندگيءَ جا ٽي ڏهاڪا هن يگاني انسانَ جي محبتَ ۽ صحبتَ ۾ گُذاريا، جن ۾ ويهَه سال تنظيمي ساٿ جا ۽ هڪ ڏهاڪو بنهه ذاتي سُٻنڌَ جو هو. مان اُن طويل ساٿَ ۾ سدائين حيران ئي ٿيندو رهيس ته ڇا ڪو هڪُ ماڻهو ايترو گهڻ-طرفو، ايترو محنتي، ايترو اَورِچ، ايترو گهرو ۽ وسيع عالِم ۽ صاحبِ عمل ٿي سگهي ٿو! رسُول بخش پليجو جسماني طرح ته پاڪستاني رياستَ ۽ سنڌُ جي سماجَ ۾ رهندو هو، پر حقيقت اها آهي ته هو ذهني، فڪري، احساساتي، ۽ ويندي سماجي طورَ پنهنجي آدرشي سماجَ ۾ رهندو هو. هن جي سوچ زندگي، روين ۽ فڪر ۽ مجموعي طور انداز (پنهنجين سمورين انساني ڪمزوريُن باوجود) لطيفَ جي لفظن ۾ ”اکِ اُلٽِي ڌارِ“ وارو هو. هو ذهني توڙي فڪري طور پنهنجي مزاجَ ۾ هن موجود ۽ مُروِج سماجَ جو فردُ نه هو، هو مستقبل جو ماڻهو هو. هن جي تجويزُن، تدبيرن، سوچُن توڙي عمل جي رفتار، هن سماجَ ۽ سندس دورَ کان گهڻو اڳتي ۽ مختلف هئي. هر جينئيس وانگر، هو به مستقبلَ جو ماڻهو هو، جيڪو پاڻَ کان پوئين دورَ ۾ هڪ سُونهو ٿي آيو هو ۽ تاريخَ جو هر وڏو ۽ يَگانو ماڻهو شعبن جي فرقَ کان سواءِ ايئن هوندو آهي.

هن تي جائز تنقيد ٿي سگهي ٿي، هن سان ڪيترين ڳالهين ۽ روين تي اختلافَ ڪري سگهجن ٿا، پر هن جا بدترين مخالفَ به جي ايماندار هوندا ته سندس غير معمولي پورهئي، فڪرَ جي گهرائي ۽ وُسعتَ، انسان-سازي، جِدوجهدن، قربانين، علميتَ، بهادري، گهڻ-طرفِي سُونهائپَ ۽ يگاني حيثيتَ کان انڪار نه ڪري سگهندا. هن جون تحريرون، تقريرون ۽ ليڪچر سنڌُ جي نسلن جو اُمُلهه فڪري سياسي ۽ ادبي وِرثو آهن. مون زندگيءَ ۾ اهڙا ٻه انسانَ تمام ويجهڙائيءَ سان ڏِٺا جيڪي پنهنجي زندگيءَ جو هڪ پلُ به ضايع نه ڪندا هئا، اُهي هئا محمد ابراهيم جويو ۽ پليجو صاحب. سائين جي ايم سيد سان گڏ گذاريندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن جو مزاج به ايئن هو. هي اُهي آدرشي ماڻهو هئا، جن اهو طئه ڪري ورتو هو ته سندن زندگيءَ جو پل پل سندن آدرشن جي امانتَ آهي.

جيڪڏهن سنڌ جي تاريخ جي هن يگاني انسانَ رسُول بخش پليجي جي ذات کي هڪ جُملي ۾ اظهارجي ته چئي سگهجي ٿو، ته هن جي فِڪري، ادبي، ۽ سياسي زندگي، اُن آدرشي سماجَ جو عڪس هئي، جنهن کي حقيقتَ ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هُن ۽ هُن جهڙن پنهنجون حياتيون ارپيون هيون. ۽ هو اسان جي توڙي انسان ذاتَ جي ڪيترن نَسُلن لاءِ فڪرَ ۽ آدرشي پنڌَ جي اُتساهَ جا سرچشمان ڇڏي ويا هئا. لطيف سائينءَ اهڙن ئي آدرشي انسانن لاءِ چئي ويو آهي ته:

سَدائينِ سفر ۾ رَمَنِ مٿي راهَ،
پُرن پُورب پنڌَ ڏي، منجهه موالي واهَ،
جَنِ جي اَلَکَ سِين آگاهَ، هَلو تَڪيا پَسون تن جا!
Jami8195@gmail.com