creative writing journey stories ignou creative writing in english course homework help castles extreme sports help to build character essay hire someone to write your thesis essay writing school bully fun creative writing prompts for 3rd grade business studies homework help literary genre in creative writing list of metaphors for creative writing creative writing study usa how to apply for creative writing

مولانا جو آزادي مارچ ۽ ٻاهرين ڌرين جي ٽياڪڙي واريون ڪوششون !!!!!!!!!!! ليک :ڊاڪٽر قاسم سوڍر

نيٺ ڪافي عرصي کانوٺي فقط ڪشمير اشو کي چوويهن ئي ڪلاڪ ميڊيا جي زينت بڻائڻ کانپوءِ هاڻي وري مولانا فضل الرحمان جي 27 آڪٽوبر تي رٿيل آزادي مارچ جون خبرون ۽ ان بابت تجزيا ئي ميڊيا تي ڇانيل آهن. مولانا جڏهن ڪجھ ڏينهن اڳ 27 آڪٽوبر تي آزادي مارچ جو اعلان ڪيو ته، هڪ سوچيل سمجھيل ڪوشش تحت حڪومتي نمائندن توڙي سندن حمايتي ميڊيا کان بار بار اهو چورايو پئي ويو ته، “مولانا ڪنهن “ٻاهرين قوت” جي اشاري تي ئي اهو مارچ ڪرڻ وڃي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته 27 آڪٽوبر اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن 1947ع تي هندستان طرفان ڪشمير تي قبضو ڪيو ويو هو. تنهنڪري ان ئي ڏينهن حڪومتي سطح تي ڪارو ڏينهن  ملهائڻ جو اعلان ڪرڻ سميت ڪشميري عوام سان يڪجهتي طور ان ڏينهن کي ملهايو ويندو، پر ساڳي ئي ڏينهن مولانا جي مارچ سبب ڪشميري عوام سان يڪجهتي بجاءِ معاملي جو پورو رخ تبديل ڪرڻ واري سازش گھڙي پئي وڃي ته جيئن ڪشمير ڪاز کي نقصان رسي.”

جيتوڻيڪ ان ڳالهه کان مولانا اڳ ۾ ئي واقف هو ته، هن جي مارچ واري اعلان کانپوءِ حڪومت طرفان مختلف هٿڪنڊا استعمال ڪيا ويندا. انڪري تمام چالاڪيءَ سان حڪومت ۽ سندس اتحادي ميڊيا کي خاموش ڪرائڻ جو گر مولانا طرفان اهو استعمال ڪيو ويو، جو هن طرفان اهو اعلان ڪرڻ ته 27 آڪٽوبر تي مارچ جو آغاز ٿيندو ۽ اهو اسلام آباد ۾ ته 31 آڪٽوبر تي پهچندو. گڏوگڏ مولانا طرفان اهو به واضع ڪيو ويو ته، 27 آڪٽوبر واري ڏينهن خود جي يو آئي پنهنجي مارچ ذريعي به ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي. جي يو آئي جي ان رٿيل آزادي مارچ جي حوالي سان شروع کانوٺي ملڪ جي ڪيترن ئي تجزيي نگارن جو اهو ئي موقف رهيو آهي ته، اهو مارچ يا ڌرڻو تڏهن ئي ڪامياب ٿي سگھي ٿو، جڏهن ملڪ جون ٻه مخالف ڌر جون وڏيون پارٽيون، يعني مسلم ليگ نواز ۽ پي پي پي مولانا جو ساٿ ڏين. ان حوالي سان جيتريحد تائين نوازليگ جي حمايت جو سوال آهي ته، اهو هن وقت تائين واضع ٿي چڪو آهي ته، (ن) ليگ جي اندر جيڪا ڌڙابندي ڪافي عرصي کانوٺي بحث هيٺ رهندي پئي اچي، سا مڪمل طور سامهون اچي چڪي آهي. ان حوالي سان نوازليگ کي ٻن ڌڙن جي تناظر ۾ ڏٺو وڃي پيو، جنهن ۾ هڪ طرف ميان نوازشريف وارو ڌڙو آهي، جيڪو مڪمل طور ان خيال جو آهي ته ڪجھ به ٿئي پر پي ٽي آئي جي حڪومت وڌيڪ نه رهڻ گھرجي. يقينن ميان نوازشريف جي اهڙي راءِ انهن ڌرين لاءِ چئلينج آهي جيڪي عمران خان کي اقتدار طرف کڻي آيون. ساڳئي وقت ميان نوازشريف کي مولانا فضل الرحمان جي موجودهه وقت ۾ طاقت جو به ادراڪ آهي، جنهنڪري ئي ڪجھ ڏينهن اڳ ڪئپٽئن (ر) صفدر حسين ميڊيا کي اهو واضع طور ٻڌايو ويو ته، ميان نوازشريف پارٽي جي جيل کان ٻاهر واري قيادت کي هڪ خط ذريعي اهو پيغام ڏنو آهي ته جيڪو به محب وطن ماڻهو آهي، تنهن کي مولانا جي مارچ ۾ ضرور شريڪ ٿيڻ گھرجي.

نوازليگ طرفان آزادي مارچ ۾ شامل ٿيڻ جي حوالي سان جيڪو ڌڙو مخالفت ڪري رهيو آهي تنهن جي اڳواڻي ميان شهباز شريف ڪري رهيو آهي، جنهن جو اهو ئي موقف آهي ته، “اصل واڳ ڌڻين” سان هرگز ڦٽائڻ نه گھرجي، ڇاڪاڻ ته ان جو نقصان فقط نوازشريف کي نه پر پوري پارٽي کي ٿيندو ۽ ان جو فائدو ٻيون سياسي پارٽيون کڻي سگھن ٿيون. بهرحال نوازشريف پنهنجي ماضي جي غلطين کي دهرائڻ نه ٿو چاهي ۽ هو چڱيءَ طرح سمجھي رهيو آهي ته، موجودهه وقت ۾ خود تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪهڙي نه خطرناڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪي آهي. پارٽي اندر ان ڌڙابندي جو سبب ئي آهي، جو (ن) ليگ جي باقي قيادت طرفان ميڊيا سامهون اچي ڪو واضع موقف اختيار نٿو ڪيو وڃي، جنهن سبب اڃا تائين نوازليگ جو مولانا جي آزادي مارچ ۾ ڪيترو ۽ ڪهڙو ڪردار رهندو، تنهن جي ڪا به تصديق نه ٿي رهي آهي. بهرحال جيئن ته آزادي مارچ شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڪافي وقت آهي ۽ ان مارچ جو آغاز به (ن) ليگ نه پر جميعت علماءُ اسلام (ف) ڪرڻ وڃي پئي، تنهنڪري (ن) ليگ قيادت ڪافي سوچ ويچار کانپوءِ ان ۾ شامل ٿيڻ ۽ ڪيتريحد تائين ساٿ ڏجي يا نه ڏجي جو تعين ڪرڻ جو فيصلو ڪندي.

(ن) ليگ جيان پي پي پي به ان حوالي سان اڃا تائين ڪو واضع موقف اختيار نه پئي ڪري. اها الڳ ڳالهه آهي ته تازو ئي بلاول ميڊيا بريفنگ ۾ اهو ضرور چيو آهي ته، “جينا هوگا مرنا هوگا، ڌرنا هوگا ڌرنا هوگا” پر اهو اڃا تائين واضع نه آهي ته بلاول جي اها ڳالهه فقط نعري جي حد تائين ئي هوندي يا ان تي عمل به ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته اهو ساڳيو ئي بلاول ڀٽو زرداري آهي جيڪو گذريل ڪجھ عرصي کان مولانا جي مارچ ۽ احتجاج جي ته حمايت ڪندو رهي ٿو، پر هو بار بار ڌرڻي ڏيڻ جي مخالفت ڪندو رهي ٿو. جيتوڻيڪ بلاول سميت پي پي پي اهو سمجھي به ٿي ته مولانا جي خالي هڪ ڏينهن جي جلسي سان حڪومت جي صحت تي ڪو گھڻو اثر نه پوندو، پر ان جي ابتڙ جيڪڏهن واقعي بقول مولانا فضل الرحمان جي ته اهو حڪومت جي خاتمي ۽ نجات لاءِ ئي مارچ رٿيو پيو وڃي ته، ان لاءِ ته ڌرڻي کان علاوهه ٻيو ڪو جوڳو حل به نه آهي. پر اصل سوال اهو ٿو اڀري ته ملڪ جي گادي اسلام آباد ۾ “مٿين ڌرين” جي سهڪار کانسواءِ اهڙو ڪو منظم ڌرڻو ڏيڻ ممڪن آهي؟

پڙهندڙن کان 2014ع ۾ ڏنل پي ٽي آئي وارو ڌرڻو نه وسريو هوندو، جنهن ۾ ملڪ جي “ريڊ زون” ۾ گھڙڻ کان به تحريڪ انصاف ڪارڪنن کي نه روڪيو ويو هو. انهن طرفان پي ٽي وي تي حملو ڪيو ويو جنهن جو الزام ملڪ جي موجودهه صدر ۽ وزيراعظم ٻنهي تي آهي، ائين ئي پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي ديوارن کي ڪپڙا سڪائڻ جي ڪم آندو ويو. مطلب ته انهن ڏينهن ۾ اسلام آباد جو ريڊ زون مڪمل طور مڇي مارڪيٽ بڻيل رهيو. اهو پي ٽي آئي جو ڌرڻو هجي يا مولانا قادري ۽ خادم رضوي وارا احتجاج/ڌرڻا هجن، اهي ڪنهن جي اشاري تي ڏنا ويا ۽ انهن جي پٺيان ڪهڙا مفاد سلهاڙيل هئا، سو سڀ ڪجھ هاڻي ملڪ جي سياهه تاريخ جو حصو بڻجي چڪو آهي. پر هن وقت هي جيڪو مولانا ايتري اعتماد سان حڪومت ڪيرائڻ تائين مزاحمت جاري رکڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، تنهن پٺيان مولانا جو ڪو ايڏو پختو ايمان آهي يا کيس ڪٿان حمايت جي خاطري ڪرائي وئي آهي؟ جيڪڏهن ملڪ جي موجودهه صورتحال ڏسجي ته، سواءِ تحريڪ انصاف جي ڪجھ حمايتي نوجوانن جي (جيڪي به صرف نڪ جي پڪائي سان ئي حڪومت جي حمايت ڪن ٿا)، باقي پوري ملڪ جي عوام سان جيڪا ويڌن ڪئي وئي آهي، تنهن کانپوءِ گھٽ ۾ گھٽ ملڪ جو عوام ته موجودهه حڪومت جي ڪارڪردگي منجھان خوش نظر نٿو اچي. اها الڳ ڳالهه آهي ته اڄڪلهه اڻ اعلانيل ميڊيا سينسرشپ ذريعي خاص طور اردو نجي ٽي وي چئنل جيڪي پي ٽي وي جي “بي ٽيم“ بڻيل آهن، سي ماڻهن جون آهون ۽ دانهون نه پيا ڏيکارين، باقي پوري ملڪ اندر مهانگائي، بيروزگاري سميت انيڪ مسئلن سبب انارڪي پيدا ٿيڻ جهڙي صورتحال بڻيل آهي. ڀلا ان کان وڌيڪ تحريڪ انصاف حڪومت جي هن وقت تائين ٻي ڪهڙي ناڪامي ٿيندي ته جنهن “ڪرپشن جي خاتمي” واري نعري تي پي ٽي آئي کي ماڻهن جي حمايت حاصل ٿي، پر بجاءِ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ يا گھٽائڻ جي، الٽو ورلڊ اڪنامڪ فورم جي تازي رپورٽ موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال پاڪستان ۾ ڪرپشن اڃان وڌي آهي!

مولانا طرفان آزادي مارچ جي تاريخ جي اعلان کان پهرين (ن) ليگ ۽ پي پي پي جي قيادت مولانا کي اها گذارش ڪئي ته، مارچ جي تاريخ آڪٽوبر جي بجاءِ ڊسمبر يا پوءِ نومبر جي طئي ڪجي، پر مولانا ان راءِ سان سهمت نه ٿيو. نوازليگ قيادت ۽ بلاول آخر مارچ جي تاريخ اڳتي ڪرڻ جي صلاح ڇو پئي ڏني، ان حوالي سان هڪ راءِ اها به آهي ته، وزيراعظم عمران خان طرفان آرمي چيف جنرل باوجوه جي مدي ۾ جيڪو ٽن سالن تائين جو اضافو ڪيو آهي، تنهن فيصلي سان خود اسٽيبلشمينٽ خاص طور اهي آفيسر جيڪي ان سان متاثر ٿين ٿا، سي خوش نه آهن. جنهنڪري نومبر مهيني جي شروع ۾ حڪومت طرفان مدي ۾ واڌ واري فيصلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ڇاڪاڻ ته نومبر ۾ ئي آرمي چيف جو مدو پورو ٿئي پيو، تنهنڪري اهو تصور ڪيو پيو وڃي ته اسٽيبلشمينٽ اندر ويٺل اها ڌر جيڪا آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ لاءِ راضي نه آهي، سا مولانا جي ڌرڻي جي حمايت ڪري سگھي ٿي. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ سوال اڀري ٿو ته ڇا “مٿين ڌرين” جو اهو ڌڙو ان ڳالهه تي راضي ٿيندو ته مولانا جي تحريڪ انصاف حڪومت جي خاتمي واري مطالبي کي تسليم ڪجي؟ ڇاڪاڻ ته ڀلي کڻي ڊليور ڪرڻ ۾ حڪومت مڪمل طور ناڪام وئي هجي، پر ان ناڪامي جو سڄو نزلو فقط پي ٽي آئي تي ته نه ڪرندو، پر يقينن ان جا ڇنڊا حڪومت جي “سليڪٽرس” تي به ڪرندا. ان کانپوءِ سوال اهو اڀري ٿو ته، جيڪڏهن مولانا حڪومت ڪيرائڻ واري پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب وڃي ٿو ته ان کانپوءِ ڇا ٿيندو؟ مطلب ملڪ جي عوام جي زندگين ۾ ڪهڙي بهتري ايندي؟ ڇاڪاڻ ته ڀلي حڪومت هلي وڃي پر “سليڪٽر” ته موجود رهڻا آهن ۽ اهي جنهن به ڌر کي اڳيان آڻيندا سا ڌر به ته انهن ئي “مٿين ڌرين” جي ئي ڳيجھو بڻيل رهندي. ان جو مطلب ته سڌو ئي اهو ٿيو ته فقط چهرن جي ئي تبديلي ٿيندي باقي نظام ته اهو ئي ساڳيو ئي رهڻو آهي!

بهرحال مولانا جي آزادي مارچ جي ان ڪري به تمام گھڻي اهميت آهي، جو ان سان “مٿين ڌرين” ڏانهن مخالف ڌرين جو اهو پيغام ضرور ويندو ته انهن طرفان عمران خان کي چونڊڻ ذريعي خود پاڻ لاءِ ڪيترا مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، ڇاڪاڻ ته هي جيڪو بار بار وزيراعظم صاحب چوندو رهي ٿو ته، “حڪومت ۽ فوج هڪ ئي پيج تي آهن”، ان سان سڌيءَ طرح حڪومت جي خراب ڪارڪردگي جا ڇنڊا عسڪري ادارن تي به ڪرن ٿا. ساڳئي وقت آمريڪي دورو هجي يا چيني، هر طرف وزيراعظم کي اڪيلو نه ٿو ڇڏيو وڃي، پر آرمي چيف به لازمي طور گڏ وڃي ٿو، ان سان وزيراعظم جي خودمختياري ۽ ان مٿان “سليڪٽر قوتن” جو ڪيترو اعتماد آهي، سو به واضع ڏسي سگھجي ٿو! ساڳئي وقت مولانا جي مارچ جي اهميت انڪري به تمام گھڻي آهي ته، جي يو آئي (ف) هڪ مذهبي جماعت آهي ۽ جيڪڏهن ماضي ۾ خاص طور نائين اليون کانپوءِ واري صورتحال ڏسجي ته، ان وقت به نه صرف پاڪستان جي حڪومت پر طالبانن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آمريڪا کي به مولانا جي سهڪار جي ضرورت پئي محسوس ٿي (ان جي تفصيل لاءِ سيد سليم شهزاد جو القائدا ۽ طالبانن جي حوالي سان لکيل ڪتاب پڙهي سگھجي ٿو). ائين ئي هن وقت به جڏهن آمريڪا کي افغانستان منجھان نڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي، تڏهن پڻ مولانا فضل الرحمان جي آمريڪا سميت پاڪستاني حڪومت کي به ضرورت پئجي سگھي ٿي. ساڳئي وقت اسي جي ڏهاڪي ۾ جهادي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان خود سعودي به آمريڪا سان ان ڪم ۾ شامل هو، جيڪو پڻ هن وقت مولانا ۽ حڪومت جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪندي نظر اچي ٿو. ان جو تازو مثال سعودي سفير جو اسلام آباد ڪهي اچڻ ۽ مولانا سميت حڪومت جي ماڻهن سان ملڻ اهو واضع اشارو ڏيئي ٿو ته، سعودي ٽياڪڙي جي چڪر کي لڳل آهي. ڇاڪاڻ ته سعودي جي ان معاملي ۾ تمام گھڻي اهميت ان ڪري به آهي، جو هڪ طرف جنهن نظرياتي لائين جو مولانا قائل آهي تنهن جو قبلو سعودي طرف آهي. ائين ئي ماضي ۾ جهاز هئيجيڪنگ ڪيس وارو معاملو ڏسون ته ان ۾ به ميان نوازشريف جي زندگي بچائڻ وارو سعودي ئي هو. تنهنڪري نوازشريف تي سعودي جا تمام گھڻا احسان آهن. سو حڪومت ان کي هڪ ڪارڊ طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن مولانا کي به ٿڌو ڪجي ۽ نوازشريف کي به “خاص هدايت” ڪرائجي. پر ان سڀ جي باوجود نه ته سعودي بغير ڪنهن شرط جي پاڪستاني حڪومت جي ڳالهه مڃيندو ۽ نه ئي مولانا ۽ نوازشريف بغير ڪنهن معاهدي جي ائين ئي پٺتي هٽڻ لاءِ ئي راضي ٿيندا. باقي جيتريحد تائن پي پي پي جو سوال آهي ته، بلاول ڀلي کڻي مولانا جي سياست ۾ مذهب جي استعمال سميت ڌرڻي واري سياست جي مخالفت ڪري، پر پي پي پي جو آخري فيصلو آصف علي زرداري ئي ڪندو رهي ٿو، جيڪو به خبر نه آهي ته ڪهڙي وقت به “مٿين ڌرين” سان سهڪار جي هامي ڀري ويهي. تنهنڪري تحريڪ انصاف حڪومت ڪجھ به چئي پر مولانا جو آزادي مارچ حڪومت لاءِ سخت مٿي جو سور ضرور بڻيل آهي، جنهن کان رليف وٺڻ لاءِ “مقامي نسخا” اثر ڪندي نظر نٿا اچن، پر ان درد جو درمان ڪا “ٻاهرين دوا” ئي بڻجي سگھي ٿي.