موسميات کاتي موجب اڄ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ رهندو.

اسلام آباد:- موسميات کاتي موجب اڄ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ رهندو. جڏهن ته خيبرپختونخواهه، مٿانهين پنجاب، اتر بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن، کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. وفاقي گادي واري شهر ۾ خميس جي ڏينهن موسم صاف رهيو. جڏهن ته ٿڌيون هوائون هلڻ سبب  موسم ڪافي ٿڌو رهيو ۽ گرمي پد به 17 ڊگري  سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو 23 تائين وڃي سگهي ٿو. اسلام آباد ۾ رات جو دير سان هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي. اڄ خيبرپختونخواهه صوبي جي ضلعن چترال، سوات، دير، مالاڪنڊ، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، پشاور، چارسده، صوابي، مردان، ڪرم، ڪوهاٽ، بنون، ڊي آءِ خان، لکي مروت، ٽانڪ ۽ وانا ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙي پوڻ جو به امڪان آهي.صوبائي گادي واري شهر پشاور جو گرمي پد صبح جي وقت 16 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو 23 تائين وڃي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب سنڌ صوبي جي ٻين ضلعن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته شام کان پوءِ سکر، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي.