مورو لڳ عورت ٻن معصوم ڌيئرن سميت درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام

مورو: مورو ڀرسان قمرالدين ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ حاجي وارث ڏاھري جي رھواسي مسمات صاحبان ڏاهري ٻن معصوم ڌيئرن سميت روهڙي ڪئنال يوسف ڏاھري موري وٽ ٽپو ڏئي ڇڏيو، ڪئنال وٽ موجود ماڻھن ڇھن مھينن جي معصوم نينگري ڪِرن ڏاھري کي زندھ حالت ۾ ٻاھر ڪڍي ورتو، جڏهن ته عورت مسمات صاحبان ۽ سندس ڌيءَ 4 سالن صبا ڏاھري ٻڏي ويون، ٻن ڪلاڪن جي ڳولا بعد عورت جو لاش ڪڍيو ويو جڏهن ته معصوم صبا نينگري صبا جو لاش هن وقت تائين نه مليو سگهو آهي.اهڙي واقعي سبب علائقي ۾ سوڳ واري فضا ڇانيل آهي فوتي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ مورو اسپتال آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد عورت جو لاش سندس امڙ رخسانه ۽ ڀاءُ وحيد اڄڻ حوالي ڪيو ويو.

رپورٽ موجب مورو ڀرسان سونھري فارم قمرالدين چانڊيو ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي وارث ڏاھري جي رھواسي امتياز علي ڏاھري جي گهرواري صاحبان ڏاهري گهرو پريشاني سبب پنهنجي ٻن معصوم ڌيئرن صبا ۽ ڪِرن ڏاهري کي کڻي روهڙي ڪئنال يوسف ڏاھري موري وٽ ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو جتي موجود ماڻهن 6 مهينن نينگري ڪِرن ڏاهري کي زنده ٻاھر ڪڍيو ويو جڏهن ته 6 سالن جي معصوم نياڻي صبا ۽ مسمات صاحبان ڏاهري ٻڏي وئي ٻن ڪلاڪن جي ڳولا بعد مسمات صاحبان ڏاهري جو لاش هٿ ڪري ٻاهر ڪڍيو ويو جڏهن ته معصوم نياڻي صبا جو لاش ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود نه ملي سگهيو آهي.اطلاع ملڻ تي قمرالدين ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي مورو اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن جي ٽيم لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ وارثن حوالي ڪيو ۽ اهڙي رپورٽ قمرالدين ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي، ٻڏي ٿي ويل عورت جو لاش سندس ڀاءُ وحيد اڄڻ ۽ امڙ رخسانا اڄڻ حوالي ڪيو ويو جيڪو پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٺاروشاھ کڻائي ويا.

ان موقعي تي فوت ٿيل عورت صاحبان ڏاهري جي ماءُ رخسانا ٻڌايو ته جنھن ڏينھن کان نياڻي جي شادي ڪرائي آھي ان ڏينھن کان منھنجي نياڻي سان ظلم ھلندڙ هيو ۽ ڪڏھن بہ سک جو ساھ کڻڻ ناھي ڏنو ويو، ھن چيو تہ منھنجي نياڻي کي مڙس امتياز علي ڏاھري سڪرنڊ کان ھتي ڳوٺ آندو پر اتي بہ سس ۽ ٻيا گهر ڀاتي ساڻس ظلم ڪندا هئا. ھن واقعي جي خبر نہ ٿي پوي ته اهو واقعو ڪيئن پيش آيو آهي ۽ صبح سوير گهران نڪري وڃي ڪئنال ۾ معصوم ڌيئرن سميت ٽپو ڏنو آهي، جنھن جي ڪري مون کي شڪ آھي تہ انهي واقعي ۾ ٻيا گھر ڀاتي ملوث ٿي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته هن ڏينهن اڳ منهنجي ڌيءَ جو مڙس امتياز ڏاهري ڪراچي ڪمائڻ لاءِ ويو آهي ته پٺيان اهي واقعي پيش آيو آهي. ھن چيو تہ مون سان وڏو ظلم ٿيو آھي. واقعي جي جانچ ڪري منھنجي نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي.

ھوڏانھن قمرالدين چانڊيو ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد عيسيٰ ڏاھري صحافين کي ٻڌايو ته روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ عورت جو اطلاع مليو جنهن تي اسان پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تفصيل ورتا آهن ۽ لاش پوسٽ مارٽم ڪرائي سندس جزا ورتا آهن جيڪي ليبارٽري ڏانهن موڪلينداسين، وڌيڪ جانچ ڪري رھيا آهيون ۽ اهڙي واقعي جي رپورٽ داخل ڪئي آهي.