ممبئي:= مشهور بالي ووڊ اداڪار نصيرالدين شاهه به ڀارتي هارين جي حق ۾ آواز اٿاري ڇڏيو آهي.هڪ انٽرويو ۾ نصيرالدين شاهه چيو ته مودي سرڪار کان وڌيڪ هاري پنهنجي حقن جي باري ۾ ڄاڻ رکن ٿا. هن چيو ته ان سميت لکين ماڻهو هارين سان گڏ آهن۽ مان سڀني جي لاءِ همت ۽ بهادري جي مثال آهيان. نصيرالدين شاهه هارين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ اقبال جو شعر به پڙهيو.هن جو چوڻ هو ته خاموشي به ظلم جو ساٿ ڏيڻ جي برابر آهي. هن مودي سرڪار جي ڊپ کان حڪومت جي حق ۾ ڳالهائيندڙ بالي ووڊ اداڪارن کي به تنقيد جو نشانو بنايو.نصيرالدين شاهه چيو ته بالي ووڊ جا اداڪار ايترو ڪمائي چڪا آهن جو هنن جون نسلون به ويهي کائي سگهن ٿيون پوءِ ڇو هنن اداڪارن کي سچ ڳالهائڻ کان ڊپ لڳندو آهي.