مودي سرڪار پاڪستان سپر ليگ ميچز ڏيکاريندڙ ٽي وي چئنلز کي ايونٽ نشر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

لاهور(اسپورٽس خبرون) پاڪستان ڀارت ۾ پي ايس ايل ميچز ڏيکارڻ تي پابندي وارو معاملو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ۾ اٿارڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پي سي بي جي ايم ڊي وسيم خان چيو آهي ته ڪرڪيٽ ۾ انتهاپسندي برداشت نه ڪئي ويندي، سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي بنياد ت ڪرڪيٽ جي مداحن کي ميچ ڏسڻ کان پري رکڻ افسوسناڪ آهي. پاڪستان جي اڳوڻن ڪرڪيٽرز به ڀارت ۾ پي ايس ايل ميچز ڏيکارڻ تي پابندي واري معاملي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته سياسي ڇڪتاڻ سان راندين کي گهلڻ خطرناڪ آهي، ڀارت ڪريل حرڪتن تي لهي آيو آهي. جڏهن ته ڀارتي شهري به مودي سرڪار تي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن، جن جو چوڻ آهي ته حڪومت کي سياسي بنيادن تي ڪرڪيٽ ڏيکارڻ تي پابندي نه هڻڻ گهرجي. پي سي بي موجب ڀارت پاران پلوامه حملي تي پاڪستان سپر ليگ جا ميچز ڏيکارڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ افسوسناڪ آهي، راندين کي ذاتيات جي ور نه چاڙهيو وڃي. وسيم خان چيو ته ڪرڪيٽ انتهاپسندي جي ور نه چڙهڻ گهرجي، سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ذريعي پي ايس ايل ڏيکارڻ تي پابندي درست نه آهي. واضح رهي ته پلوامه ۾ دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ ڀارتي فوجين جي مارجڻ کانپوءِ مودي سرڪار پاڪستان سپر ليگ ميچز ڏيکاريندڙ ٽي وي چئنلز کي ايونٽ نشر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.