موجوده ڊرامن ۾ فلمي اسٽائل انهن جي معيار گهٽجڻ جو سبب آهي: بشريٰ انصاري

اسلام آباد : اداڪاره بشريٰ انصاري چيو ته اسانجي اڄ ڪلهه جي ڊرامن ۾ فلمن جو اسٽائل انهن جي معيار گهٽجڻ جو سبب آهي ڇو جو ڊرامو پاڻ ادب ۽ فن جي هڪ ڌار صنف آهي. خانگي ٽي وي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ڊرامن جو معيار گهٽجڻ جو سبب فلمن کان متاثر ٿي ٺاهيل ڪمزور اسڪرپٽ آهي. هڪ سوال ۾ هن چيو ته ڪلاسيڪي موسيقي جو شوق کيس والد طرفان مليو آهي. هن ٻڌايو ته هو کائڻ پيئڻ جي تمام گهڻي شوقين آهي ۽ هو ڀينڊي سٺيون پچائيندي آهي. هن چيو ته بيسڻ جي ماني، سرنهن جو ساڳ، ڪڙهي ۽ ڪانجي سندس پسنديده کاڌن جي لسٽ ۾ شامل آهن.