مهراڻ يونيورسٽيءَ جو شاگرد هلندڙ پوائنٽ بس مان ڪري پيو: چيڀاٽجي فوت

حيدرآباد : قاسم آباد جي نسيم نگر چوڪ وٽ مهراڻ يونيورسٽي جو شاگرد پوائنٽ بس مان ڪري فوت ٿي ويو. 22 سالن جو شاگرد شايان پٽ مير علي شاهه يونيورسٽي مان پوائنٽ بس ذريعي قاسم آباد پئي آيو ۽ نسيم نگر چوڪ تي هلندڙ پوائنٽ بس مان ڪري ٽائرن ۾ اچي فوت ٿي ويو. پوليس پهچي سندس لاش ضروري ڪاروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. فوتي نوجوان مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئرنگ شعبي ۾ پڙهندو هو.ياد رهي ته فوت ٿيل نوجوان سائين عالم شاھ جو پوٽو ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي استاد سيد رضوان شاھ جو نوجوان ڀائٽيو هو. نسيم نگر چوڪ تي مھراڻ يونيورسٽي جي پوائنٽ بس مان مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جو شاگرد سيد شان علي شاهہ ڪري پيو جنهن مٿان پوائنٽ بس جا ٽائر چڙھي ويا کيس سخت زخمي حالت ۾ تعلقہ اسپتال قاسم آباد منتقل ڪيو ويو جتي ڪا بہ ايمرجنسي سهولت نہ هئڻ سبب کيس سول اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو تہ شاگرد شان علي شاه رستي تي دم ڏنو فوت ٿيل شاگرد شان علي شاهہ ولد علي مير شاهہ مھراڻ يونيورسٽي آف انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجيءَ جي انگلش لينگويج اينڊ ڊولپمينٽ شعبي جي آخري سال جو شاگرد ھو .اهڙي واقعي تي مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن بروز اڱارو تاريخ 11 فيبروري تي مهراڻ يونيورسٽي ۾ سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آھي