مهاڻن جو عالمي ڏينهن تي ڪراچي ۾ ابراهيم حيدري سمنڊ ڪناري تي ريلي

ڪراچي :- سنڌ سميت سموري دنيا ۾ مهاڻن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ڪراچي ۾ ابراهيم حيدري سمنڊ ڪناري تي ريلي ڪڍي وئي.  ريلي ۾ عورتن ۽ ٻارن جي وڏي انگ  شرڪت ڪئي. فشر فوڪ فورم جي سربراهه محمد علي شاهه چيو آهي ته ٻيٽن سان مهاڻن جو جيئاپو سلهاڙيل آهي، مهاڻن جي حقن تي ڌاڙو ۽ ٻيٽن تي قبضو برداشت نه ڪنداسين. ڪيٽي بندر، غوثپور ۽ ڪنڌڪوٽ ٻين شهرن ۾ به مهاڻن ريليون ڪڍيون